Book Name:Sachi Tauba Shab-e-Braat 1440

چالاڪ ٿي وڃون، موت هڪ ڏينهن اچي رهندو آهي ٭ اسان چاهي موت کان بچڻ جون جيتريون به ترڪيبون ڪيون موت هڪ ڏينهن اچي رهندو آهي، مطلب ته! ٭ اسان چاهي موت کان بچڻ جون جيتريون به ترڪيبون ڪري وٺون موت هڪ نه هڪ ڏينهن اچي رهندو آهي۔

 ٿورو سوچيو اهو ڪهڙو منظر هوندو ٭ جڏهن اسان جو روح اسان جي بدن جو ساٿ ڇڏي رهيو هوندو، ٭ موت جا ملائڪ رڳ رڳ مان روح ڪڍي رهيا هوندا، ٭ اسان جا هوش حواس خَطا ٿي چڪا هوندا، ٭ اسان سڀ سمجھي رهيا هونداسين پر ڳالھائڻ جي طاقت نه هوندي، ٭ مال ۽ دَولت، بنگلو گاڏي، بينڪ بيلنس، اهل ۽ عيال، زال ۽ اولاد، دولت ۽ اسباب سڀئي هڪ هڪ ٿي ڪري جدا ٿي رهيا هوندا، ٭ اسان جو جسم ٿڌو ٿي رهيو هوندو، ٭ کُڙِي کان کُڙِي ملائي ويندي، ٭ زبان تارون کان لڳي رهي هوندي، ٭ اکين جا دوڏا مٿي ڏانهن وڃي رهيا هوندا، ٭ مٿو هڪ پاسي لڙڪڻ لڳندو، ٭ چپ سڪي رهيا هوندا، ٭ زَبان سُڪڙجي رهي هوندي، ٭ آڱريون نيريون ٿي رهيون هونديون، ٭ جسم جو ڳاڙهو ۽ سفيد رنگ مٽيالي رنگ ۾ بدلجي رهيو هوندو، مطلب ته عجيب بيوسي جو منظر هوندو۔ غور ڪريو! ان وَقت اسان تي ڇا گذري رهيو هوندو۔ ان وقت تڪليف ته ايتري شدت جي هوندي جو اَلاَمان وَالْحَفِيظ!

 امام غزالي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه سڪرات جي وَقت جي تڪليف کي بيان ڪندي فرمائن ٿا: جيڪڏهن جِسم جي هڪ رڳ به ڇڪي وڃي ته تمام گھڻي تڪليف ٿيندي آهي۔ ٿورو غور ته ڪيو ته (مَوت جي وَقت) سڄي رُوح کي هڪ رَڳ مان نه بلڪه هر هر رَڳ مان ڪڍيو ويندو آهي ته ڪيتري قَدر تڪليف ٿيندي هوندي؟ ۽ پوءِ آهسته آهسته جسم جي هر هر حصي تي موت طاري ٿيندو آهي، پهريان پير ٿڌا ٿيندا آهن پوءِ ڀيڏيون ۽ پوءِ رانون ٿڌيون ٿينديون آهن ۽  ايستائين جو جِسم جي هر هر حصّي کي سختي کان پوءِ وري سختي ۽ تڪليف کان پوءِ وري تڪليف کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، ايستائين جو رُوح