Book Name:Sachi Tauba Shab-e-Braat 1440
جي قَضا ڪري، زڪوٰة اَدا ڪري، حج ڪري ۽ ندامت ۽ شرمساري سان الله تعاليٰ جي بارگاھ ۾ پنهنجي غلطيءَ جي مُعافي گھري، اهڙي طرح جيڪڏهن پنهنجي ڪن ،اک، زَبان، پيٽ، هٿ پير، شرمگاھ ۽ ٻين عضون سان اهڙا گُناھ ڪيا هجن جنهن جو تَعلُّق الله تَعاليٰ جي حقن سان هجي، ٻانهن جي حقن سان نه هجي، جيئن غير مَحرم عورت ڏانهن ڏسڻ، جَنابت جي حالت ۾ مسجد ۾ ويهڻ، قرآنِ مجيد کي بي وُضو هٿ لڳائڻ، شراب نوشي ڪرڻ، گانا باجا ٻڌڻ وغيره، انهن سان توبهه ائين آهي ته الله تعاليٰ جي بارگاھ ۾ پنهنجي گُناهن جو اِقرار ڪندي، انهن گُناهن تي شرمساري جو اِظهار ڪندي ۽ آئنده اهي گُناھ نه ڪرڻ جو پُختو عزم ڪندي مُعافي طلب ڪري ۽ ان کان پوءِ ڪجھ نه ڪجھ نيڪ عمل ڪري، ڇوته نيڪيون گُناهن کي مٽائي ڇڏينديون آهن ۽ جيڪڏهن ٻانهن جا حق ضايع ڪيا هجن ته ان جون ٽي (3) صُورتون آهن۔
(1) انهن حقن جو تَعلُّق صرف قرض سان گڏ آهي، جئين خريد ڪيل شيءِ جي قيمت، مَزدُور جي اُجرت يا زال جو مهر وغيره۔ هن صُورت ۾ توبهه جو طريقو هي آهي ته ان حقن کي اَدا ڪري يا صاحبِ حق کان مُعافي گُھري۔
(2) ان حقن جو تَعلُّق صرف ظُلم سان گڏ آهي، جئين ڪنهن کي ماريو، گار ڏني يا غيبت ڪئي ۽ ان جي خبر ان تائين پهچي وئي۔ هن صُورت ۾ توبهه جو طريقو هي آهي ته صرف صاحبِ حق کان مُعافي گھري، الله ڪريم کان به معافي جي دعا گھري.
(3) ٽئين صورت هي آهي جو اُن جو تَعلُّق قرض ۽ ظُلم ٻنهي سان هجي، جيئن ڪنهن جو مال چوري ڪيو، ڦُريو، لٽيو، ڪنهن کان رِشوت ورتي، وياج ورتو يا جوا ۾ مال کٽيو وغيره۔ هن صورت ۾ توبهه جو طريقو هي آهي ته اهي حق ادا به ڪري ۽ صاحبِ حَق کان معافي به حاصل ڪري ۽ الله ڪريم سان به معافي جي دعا ڪري۔ جيڪڏهن توبهه جا شرط موجود هجن ته توبهه ضرور قبول ٿيندي، ڇوته اهو رب تعاليٰ جو واعدو آهي ۽