Book Name:Sachi Tauba Shab-e-Braat 1440
مطلب ته پنهنجي تمام گناهن کان سچي توبه ڪريون ۽ ربِّ ڪريم جا اطاعت گزار ٻانها بڻجي وڃون ۽ هميشه پنهنجي توبهه تي ثابت قدم رهون۔ هن ڳالھ ۾ ڪو شڪ ناهي ته عبادتن جي ادائيگي ۽ گُناھ کان بچڻ تي اِستِقامَت اختيار ڪرڻ، عُموماً دُشوار محسوس ٿيندو آهي۔ پر اها دُشواري ان وقت تائين محسوس ٿيندي آهي، جيستائين اسان جي اڳيان ڪو شخص انهن کي اِستِقامت سان اپنايل نه هجي۔ تنهنڪري! جيڪڏهن اسان عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي وينداسين، ته اسان کي ڪيترا ئي عاشقانِ رسول اهڙا به نظر ايندا جيڪي مدني انعامات جا عاملين هوندا، مدني قافلن جا مسافر هوندا، مدني مذاڪرن جا شوقين هوندا ۽ اجتماعي طور تي عبادتن تي اِستقامت حاصل ڪيل هوندا، انهن عاشقانِ رسول جي صحبت جي برڪت سان اسان به گُناهن کان بچڻ ۾ ڪامياب ٿي سگھون ٿا۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ۔
اَمِيرِ اهلسنّت، باني دعوتِ اسلامي حضرت ِ علّامه مَولانا ابو بلا ل محمد الياس عطّار قادِري رَضَوِي ضِيائي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته هئڻ جي ترغيب ڏياريندي فرمائن ٿا:
گناہگارو آؤ! سیہ کارو آؤ گناہوں کو دیگا چھُڑا مدنی ماحول
پِلا کر مئے عشق دیگا بنا یہ تمہیں عاشقِ مصطفےٰ مدنی ماحول
یقیناً مقدر کا وہ ہے سکندر جسے خیر سے مل گیا مدنی ماحول
یہاں سُنّتیں سیکھنے کو ملیں گی دِلائے گا خوفِ خدا مدنی ماحول
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان سچي توبهه جا واقعا ٻڌي رهيا هئاسين۔ سچي توبهه هڪ عظيم نعمت آهي، ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته سچي توبهه،