Book Name:Sachi Tauba Shab-e-Braat 1440

ياد رکو! رمضان جا روزا رکڻ فرض آهن ۽ انهن جو هڪ مقصد به آهي۔ جيئن الله پاڪ قرآنِ پاڪ ۾ اِرشاد فرمائي ٿو:

یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا كُتِبَ عَلَیْكُمُ الصِّیَامُ كَمَا كُتِبَ عَلَى الَّذِیْنَ مِنْ قَبْلِكُمْ لَعَلَّكُمْ تَتَّقُوْنَۙ(۱۸۳) (پ۲،البقره:۱۸۳) ترجمو ڪنز الايمان: اي ايمان وارؤ! اوهان تي روزا فرض ڪيا ويا آهن جيئن اوهان کان اڳين تي فرض ڪيا ويا هئا من اوهان پرهيزگار ٿيو.

تفسير صِرَاطُ الجِنَان ۾ هن آيتِ ڪريمه جي تحت لکيل آهي: روزي جو مقصد تقويٰ ۽ پرهيزگاري کي حاصل ڪرڻ آهي۔ روزي ۾ جيئن ته نفس تي سختي ڪئي ويندي آهي ۽ کائڻ پيئڻ جي حلال شين کان به روڪيو ويندو آهي ته ان سان پنهنجي خواهشات تي قابو جي مشق ٿيندي آهي، جنهن سان ضبطِ نفس ۽ حرام کان بچڻ تي قوت حاصل ٿيندي آهي ۽ اهو ئي ضبطِ نفس ۽ خواهشات تي قابو اهو بنيادي شيء آهي جنهن جي ذريعي انسان گناهن کان رُڪندو آهي۔ (صراط الجنان، ۱/۲۹۲)

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ته روزو رکڻ جو بنيادي مقصد گناهن کان بچڻ آهي، روزو رکڻ جو بنيادي مقصد شريعت جي پاسداري آهي۔ روزو رکڻ جو بنيادي مقصد نيڪين جي راھ تي گامزن ٿيڻ آهي۔ روزو رکڻ جو بنيادي مقصد الله پاڪ ۽ ان جي رسول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي فرمانبرداري آهي۔ اي ڪاش! اسان روزو رکڻ جي اصل مقصد کي سمجھي ان تي عمل پيرا ٿي وڃون۔

 اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّي الله عَلَيه وَاٰلِهٖ وَسَلَّم