Book Name:Sachi Tauba Shab-e-Braat 1440

  اُن بزرگ جڏهن اهي جملا ٻڌا ته دل ۾ خوفِ خدا پيدا ٿيڻ لڳس ۽ سوچڻ لڳو ته هي جيڪو مال ۽ دولت مان گڏ ڪري رهيو آهيان، اهي جيڪي دنيا جون آسائشون گڏ ڪري رهيو آهيان، اهو جيڪو اولھ اوڀر ۾ واپار ڪري رهيو آهيان، اهو جيڪو هر وقت مال گڏ ڪرڻ ۾ لڳل آهيان، اهو جيڪو هر وقت تجوريون ڀري رهيو آهيان، هي جيڪي وڏا وڏا سفر ڪري جيڪي پيسا ڪمائي رهيو آهيان ۽ هيرن موتين کي ڏسي خوش ٿي رهيو آهيان، انهن جي چمڪ ڌمڪ مون جي خوشي وڌائيندي آهي، ايترو سڀ ڪرڻ کان پوءِ به جيڪڏهن موت جو شڪار ٿيڻو آهي ته پوءِ هن غفلت ۾ پوڻ جي ضرورت ئي ڪهڙي آهي۔ اهو چئي سمورو مال، تمام هيرا جواهر الله پاڪ جي راھ ۾ صدقو ڪري ڇڏيائين ۽ دنيا کان لاتعلق ٿي الله پاڪ جي عبادت ۽  رياضت ۾ مگن ٿي ويو ۽ گوشه نشيني اختيار ڪري ورتائين ۽ ان کان پوءِ ڪڏهن به  سندن کي کلندي نه ڏٺو ويو۔ (تذكرة الاوليا، ص۳۴ تا ۳۶ بتغير)

  پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! واقعي حقيقت اها ئي آهي ته ٭ موت کي بادشاھ جي بادشاھت نٿي روڪي سگھي۔ ٭ موت کي وزيرن جي وزارت نٿي روڪي سگھي۔ ٭ موت کي دانشورن جي عقل ۽ دانشمندي نٿي روڪي سگھي۔ ٭ موت کي حسينائن جو حُسن ۽ جمال نٿو روڪي سگھي۔ ٭ موت کي طبيبن جي طِبّ ۽ دوا نٿي روڪي سگھي۔ ٭ موت کي عالمن جي سفارش ۽ دُعا نٿي روڪي سگھي۔ ٭ موت کي بهادرن جي بهادري نٿي روڪي سگھي۔ ٭ موت کي طاقتورن جي طاقت نٿي روڪي سگھي۔ تنهنڪري عقلمند اهو ئي آهي جيڪو موت اچڻ کان پهريان پهريان ان جي تياري ڪري وٺي۔ اَمِيرِ اهلسنّت،باني دعوتِ اسلامي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ اسان کي خوابِ غفلت کان بيدار ڪندي فرمائن ٿا:

اے مِرے بھائیو سب سُنو دھر کے کاں                      عیش و عِشرَت کی اُڑ جائیں گی دھجیاں

آخِرت کی کرو جلد تیّاریاں                                         مَوت آ کر رہے گی تمہیں بے گُماں