Book Name:Sachi Tauba Shab-e-Braat 1440
كُلُّ نَفْسٍ ذَآىٕقَةُ الْمَوْتِؕ (پ ۴، آلِ عمران: ۱۸۵) تَرجموڪنز الايمان: هر ساھ واري کي موت چکڻو آهي
حڪيمُ الاُمَّت، مُفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه هن آيت سڳوري تحت فرمائن ٿا: اِنسان هجن يا جنّ يا ملائڪ، الله پاڪ کان سِواءِ هر هڪ کي موت اچڻو آهي ۽ هر شيء فاني آهي۔ (نور ُالعرفان ،ص۱۱۷)
جڏهن ته قرآنِ پاڪ ۾ هڪ ٻي هنڌ تي سيپاري 5 سُورَة النِّسَاء آيت نمبر 78 ۾ اِرشادِ باري تعالٰي آهي:
اَیْنَ مَا تَكُوْنُوْا یُدْرِكْكُّمُ الْمَوْتُ وَ لَوْ كُنْتُمْ فِیْ بُرُوْجٍ مُّشَیَّدَةٍؕ (پ ۵، النساء:۷۸)
تَرجمو ڪنز الايمان: توهان جاٿي به هُجو موت توهان کي اچِي پُهچندو جيتوڻِيڪ مضبُوط قلعن ۾ هُجو
هن آيت سڳوري تحت تَفسيرِ نعيمي ۾ آهي ته هر شخص جي موت جو وَقت، موت جو هنڌ مُقَرَّر آهي، ڪو ان مان ڪنهن تدبير (Plan) ۽ ڪنهن حِيلي سان بچي نٿو سگھي، توهان جتي به رهو پنهنجي وَقت تي موت توهان کي ضَرور پهچندو چاهي توهان مَضبُوط قَلعن يا آسمان جي بُرجن ۾ پهچي وڃو، زِندگي جي لاءِ ڪيترائي حِفَاظَتي سامان بڻايو پر مرندؤ ضَرور۔ (تفسيرِ نعيمي، ج۵، ص۲۴۲)
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! آيت سڳورين ۽ انهن جي تفسيرن مان معلوم ٿيو ته موت جو ڏينهن مُقرَّر آهي۔ ٭ اسان چاهي ڪهڙن ئي مَضبُوط گھرن ۾ پاڻ کي بند ڪري وٺون، موت هڪ ڏينهن اچي رهندو آهي ٭ اسان چاهي ڪيتري ئي بلند ۽ بالا جڳهن تي هليا وڃون، موت هڪ ڏينهن اچي رهندو آهي ٭ اسان چاهي ڪيتري ئي مضبوط سيڪيورٽي ۽ حفاظت جو بندوبست ڪري وٺون، موت هڪ ڏينهن اچي رهندو آهي ٭ اسان چاهي ڪيترا ئي طاقتور ۽ دلير ٿي وڃون، موت هڪ ڏينهن اچي رهندو آهي ٭ اسان چاهي ڪيترا ئي هوشيار ۽