Book Name:27 Nimazun Ka Sawab
کان حياء فرمائيندو آهي ته ٻانهو حاجت پوري ٿيڻ کان پهريان واپس موٽي وڃي۔ (کَنْز الْعُمَال، کتابُ: الصّلوٰۃ، جز:7، جلد:4، صفحہ:227، حدیث:20239)
جماعت سے گر تو نمازیں پڑھے گا خدا تیرا دامن کرم سے بھرے گا
هڪ حديثِ پاڪ ۾ آهي: مرد جي نماز مسجد ۾ جماعت سان، گھر ۾ ۽ بازار ۾ پڙهڻ کان 25 دَرَجا وڌيڪ آهي۔ (بُخاری، کتاب: الاذان، صفحہ:223، حدیث:646)
۽ هڪ حديثِ پاڪ ۾ آهي: نماز باجماعت اڪيلو نماز پڙهڻ کان 27 دَرجا وڌيڪ آهي۔ (بُخاری، کتاب: الاذان، صفحہ:223، حدیث:645)
اي عاشقانِ رسول! فرض ڪريو ته ڪنهن وٽ واپار جو سامان آهي، جيڪڏهن هو ان کي پنهنجي شهر ۾ وڪڻي ته ان جي قيمت 100 روپيا لڳندي ۽ جيڪر سمنڊ پار وڃي اهو ئي سامان وڪڻي ته 2500 يا 2700 روپين ۾ وڪامجي وڃي ته هو يقينًا سمنڊ پار وڃي ئي پنهنجو مال وڪڻڻ پسند ڪندو ڇوته 25 ڀيرا وڌيڪ يا 27 ڀيرا وڌيڪ نفعو ڪير ڇڏيندو! افسوس! دنيا جي دولت وڌائڻ جي لاءِ ته پري پري جو سفر ڪرڻ جي لاءِ ماڻهو تيار ٿي ويندا آهن، پر گھر مان صرف چند قدم هلي مسجد ۾ باجماعت نماز پڙھي هڪ نماز تي 27 نمازن جو ثواب ڪمائڻ ۾ ڪي ماڻهو سستي ڪري ويندا آهن ۽ گھرن ۾ ئي نماز ادا ڪندا آهن۔
بھائی مسجد میں جماعت سے نمازیں پڑھ سدا ہوں گے راضی مصطَفٰے ہوجائے گا راضی خدا
صَلُّوا عَلَي الحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
حضرت محمد بِن سَمَاعه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه امامِ اعظم، اَبُو حنيفه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي شاگردن جا شاگرد آهن، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هڪ سؤ ٽي(103) سالن جي عمر ماڻي، پاڻ روزانو ٻه سؤ (200) رڪعت نفل نماز پڙهندا هئا. (تَارِیْخ بَغْدَاد، جلد:2، صفحہ:404) ۽ سندن باجماعت نماز جي جذبي جو اهو عالم هو جو پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: مسلسل چاليھ سالن تائين منهنجي هڪ ڀيري کان علاوه ڪڏهن به تڪبيرِ اوليٰ قضا نه