Book Name:27 Nimazun Ka Sawab
ٿئي. منهنجي والده جو انتقال جنهن ڏينهن ٿيو ان ڏينهن هڪ وقت جي جماعت قضا ٿي پئي ته مون ان خيال سان ته جماعت جي نماز جو 25 ڀيرا ثواب ملندو آهي اها ئي نماز مون اڪيلي ۾ پنجويھ (25) ڀيرا پڙهي، پوءِ مونکي ننڊ اچي وئي ته ڪنهن خواب ۾ اچي چيو ته: ”پنجويھ نمازون ته تو پڙهي ورتيون پر ملائڪن جي آمين جو ڇا ڪندي؟ (تَارِیْخ بَغْدَاد، جلد:2، صفحہ:404)
اي عاشقانِ نماز! الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن جي جماعت جي جذبي جي ڇا ڳالھ ڪجي! هڪ نماز جي جماعت رهجي وڃڻ تي حضرت محمد بن سماعه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه اها نماز 25 ڀيرا پڙھي!
ہو کرم اے رَبِّ رحمت! پئے سرورِ رسالت نہ نمازِ باجماعت کی چھٹے کبھی سَعَادت
(فیضانِ نماز، صفحہ:168)
پيارا اسلامي ڀائرو! وڌيڪ هن حڪايت ۾ ملائڪن جي آمين جو به بيان ٿيو، نمازِ باجماعت ۾ سوره فاتِحه کان پوءِ آهسته آواز ۾ آمين چئي ويندي آهي، اهڙي طرح دُعا کان بعد به اسان آمين چوندا آهيون، ”آمين“ جي معنٰي آهي: ”ائين ئي ٿئي.“ ملائڪن جي ”آمين“ جي ڇا ڳالهه ڪجي! جيئن ته فرمانِ مصطفيٰ، فرمانِ محبوبِ خُدا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ آهي: جڏهن امام ” غَیْرِ الْمَغْضُوْبِ عَلَیْهِمْ وَ لَا الضَّآلِّیْنَ۠(۷) “ چوي ته آمين چئو! هن لاءِ جو جنهن جو آمين چوڻ ملائڪن جي آمين چوڻ جي موافق ٿيندو ان جا اڳوڻا گناھ بخشيا ويندا. (بُخاری، کتاب: الاذان، صفحہ:251، حدیث:782)
پيارا اسلامي ڀائرو! ڏسو! باجماعت نماز جون ڪهڙيون ڪهڙيون برڪتون آهن۔ ظاهر آهي جيڪو نماز باجماعت ادا نٿو ڪري، اهو امام صاحب جي سوره فاتحه پڙهڻ کان پوءِ ”اٰمين“ به نه چئي سگھندو ۽ جيڪو ان موقعي تي ”اٰمين“ نه چئي سگھيو، يقيناً اُن گُنَاھ بخشرائڻ جو هڪ عظيم موقعو وڃائي ڇڏيو پر اَفسوس! اسان جي سستي ۽ غفلت جو عِلاج ڪير ڪري! افسوس! اهو دور