Book Name:27 Nimazun Ka Sawab

جواب ارشاد فرمايائون، دِل جي ڪنن سان ٻڌڻ لائق آهي، جڏهن حافِظِ مِلَّت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه عرض ڪيو ته هن نماز جي قضا ٿيڻ تي ته ڪو گُنَاھ نه آهي، ان تي فرمايائون: اوهان مؤاخذي جي ڳالھ ڪري رهيا آهيون؟ (يعني اوهان اهو چئو ٿا ته قيامت جي ڏينهن پڪڙ نه ٿيندي، ها! اهو ته درست آهي، بيهوشي جي حالت ۾ نماز قضا ٿيڻ تي گُنَاھ نه آهي، پر افسوس...!!) مان مقرر وقت تي درٻارِ الٰهي ۾ هڪ حاضِري کان مَحرُوم رهيس...!!

 (تَذْکَرۂ صَدْرُ الشَّریْعَہ، صفحہ:30)

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! صَدرُ الشَّرِيعه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هن تي نهايت سختي سان پابند هئا ته مسجد ۾ حاضر ٿئي باجماعت نماز پڙهن. بلڪ ڪنهن سبب جي ڪري مؤذن مقرر وقت تي نه پهچندا ها ته صَدرُ الشَّريعه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه   اذان به پاڻ ڏيندا ها.

پُوڙهائپ (يعني Old Age) ۾ صَدرُ الشَّرِيعه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه نئين گھر يعني قادري منزل ۾ رهائش پذير هئا، هتان کان مسجد ٿوري فاصلي تي هئي، ان وقت صَدرُ الشَّريعه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي نظر ڪمزور ٿي چڪي هئي، هڪ ڀيري ائين ٿيو جو صبح جي وقت نماز لاءِ وڃي رهيا هئا، رستي ۾ هڪ کوھ هيو، اڃان ڪجھ انڌيرو هو ۽ رستو به برابر نه هو، بي خياليءَ ۾ کوھ جي مٿان اچي نڪتا، قريب هو جو کوھ ۾ قدم رکي ڇڏين ها، ايتري ۾ هڪ عورت آئي ۽ زور سان رڙ ڪري چيائين: ”اڙي مولوي صاحب! کوھ اٿئي بيهي رھ! نه ته ڪري پوندين!“ اهو ٻڌي صَدرُ الشّريعه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه قدم روڪي ورتا ۽ پوءِ کوھ کان هٽي مسجد شريف ويا.

يعني مسجد وڃڻ ۾ صَدرُ الشَّريعه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کي ايتري مَشَقَّت ٿيندي هئي، ان جي باوُجُود پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه مسجد جي حاضِري نه ڇڏي۔ (تَذْکَرۂ صَدْرُ الشَّریْعَہ، صفحہ:31-32) الله پاڪ صَدرُ الشَّرِيعه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي صدقي اسان کي به نمازِ باجماعت جو شوق ۽ جذبو عطا فرمائي۔