Book Name:Molana Naqi Ali Khan ki 3 Karamat
جي حڪم کي ڏسڻو پوندو، جيڪڏهن خواب واري ڳالھ شريعت کان نٿي ٽڪرائي ته بيشڪ ان تي عمل ڪري سگھجي ٿو بهرحال خواب ۾ مليل حڪم تي عمل ڪرڻ شَرعاً واجب نه آهي۔
هڪ شخص خواب ۾ ڏٺو ته حضور انور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ (معاذالله) ان کي شراب نوشي جو حڪم ڏئي رهيا آهن، اهو معاملو سيدُنا امام جعفرِ صادق رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي خدمت ۾ پيش ڪيو ويو، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ارشاد فرمايائون: ”رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ توکي شراب پيئڻ کان روڪيو آهي، تو کي ٻڌڻ ۾ غلطي ٿي آهي۔“ (فتاوی رضویہ، جلد:5، صفحہ:100ماخوذاً)
مِرے تم خواب میں آؤ مرے گھر روشنی ہو گی مِری قسمت جگا جاؤ عِنایَت یہ بڑی ہو گی
(وسائل بخشش، صفحہ:391)
صَلُّوا عَلَي الحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
اي عاشقانِ رسول! اچو! والِدِ اعليٰ حضرت، حضرت علَّامه، مولانا نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي عشق رسول جي هڪ ٻي جھلڪ ملاحظه ڪريو!
قرآنِ ڪريم ۾ 8 آيتن جي هڪ مختصر سُورت آهي، سوره ”اَلَم نَشرَح“ هن سوره مبارڪه ۾ نبي اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ سيرت ۽ پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي شان و عظمت جو بيان آهي۔ وڏي مشهور آيت آهي:
وَ رَفَعْنَا لَكَ ذِكْرَكَؕ(۴) (پاره30،سورةالم نشرح:4)
ترجمو ڪنزالايمان: ۽ اسان تنهنجي واسطي تنهنجي ذڪر کي بلند ڪري ڇڏيو.
اها آيت سڳوري به سوره ”اَلَم نَشرَح“ جي آهي۔ والِدِ اعليٰ حضرت مولانا