Book Name:Molana Naqi Ali Khan ki 3 Karamat
هڪ دفعي هيئن ٿيو جو بريلي شريف ۾ ڏڪار پيو، برسات نه ٿي، فصل تباھ ٿيڻ لڳو، جانورن جي لاءِ چارو تائين نه ملندو هو، مهانگائي به گھڻي وڌي وئي، ماڻهو پريشان ٿي ويا، حضرت عَلَّامه مولانا نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه مرجعِ خلائق(جنهن جي طرف وڌيڪ ماڻهو رجوع ڪندا) هئا، هڪ ڏينهن بريلي شريف جا ماڻهو وڏي تعداد ۾ گڏ ٿي سندن خِدمت ۾ حاضِر ٿيا، ڏڪار سبب ايندڙ پريشانين جو ذِڪر ڪيو ۽ التجاء ڪئي ته سائين دُعا ڪيو ته الله پاڪ برسات نازِل فرمائي ۽ ڏڪار جي تباهي مان نجات ملي وڃي۔ حضرت مولانا نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه اُمَّت جي غمخواري واري جذبي سان سرشار ٿي يڪدم فرمايو: سڀئي مون سان گڏ هلو۔
اهو حڪم ٻُڌي سڀئي ماڻهو سندن سان گڏ نڪتا، حضرت مولانا نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه روڊ تي پيادل تمام گھٽ نڪرندا هئا، اڄ جڏهن پيادل ئي روڊ تي وڃي رهيا هئا ته شهر جا ماڻهو تعجب وچان غور سان ڏسڻ لڳا، ماڻهن جو وڏو تعداد به ساڻس هو، راھ ۾ ماڻهو پڇندا هئا: ڇا ڳالهه آهي؟ جواب ملندو هو: حضرت مولانا نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه برسات جي لاءِ دُعا گهرڻ وڃي رهيا آهن، بس اهو ٻڌندي ئي ماڻهو پنهنجو ڪم ڪار ڇڏي ساڻس نڪري پيا، جتان پاڻ لنگھندا ويا، ماڻهو گڏ ٿيندا ويا، ماڻهو ساڻ ٿيندا ويا، هڪ هنڌ هڪ غير مُسلِم پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کي ماڻهن جي هجوم سان ڏٺو ته مَعَاذَ الله! مذاق اُڏائيندي چيائين: مولانا! جيستائين برسات نه ٿئي، واپس نه موٽجان۔ مولانا نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ان جو اهو گستاخانه جملو ٻُڌو پر جواب نه ڏنائون ۽ اڳتي هلندا رهيا، آخر پاڻ عيد گاھ پهتا، ماڻهن کي جڏهن خبر پئي ته مولانا نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه برسات جي دُعا گھرڻ جي لاءِ عيد گاھ اچي رهيا آهن ته کوڙ ماڻهو اڳ ئي ۾ عيد گاھ ۾ پهچي چڪا هئا، مطلب ته ڪافِي تعداد ۾ ماڻهو گڏ ٿيا، مولانا نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه نمازِ اِستِسقَاء (يعني برسات جي دُعا گھرڻ جي لاءِ نماز) ادا ڪئي، ان کان پوءِ جيئن ئي پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه دُعا جي لاءِ هٿ مٿي کنيا ته يڪدم آسمان تي ڪڪر