Book Name:Molana Naqi Ali Khan ki 3 Karamat
ڇانئجي ويا، اڃا دُعا مان فارِغ به نه ٿيا جو برسات شروع ٿي وئي ۽ ايتري زبردست برسات ٿي جو ماڻهن جو گھرن تائين وڃڻ مشڪل ٿي ويو۔ (مولانا نقی علی خاں بریلوی، صفحہ:52تا53)
بَرَستا نہیں دیکھ کر اَبْرِ رحمت بَدوں پر بھی برسا دے بَرسانے والے
(حدائق بخشش، صفحہ:158)
صَلُّوا عَلَي الحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
مولانا نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي دُنيا مان وصال کان پوءِ جي ڳالھ آهي، هڪ ڀيري رَجَبُ المُرَجَّب جي مهيني ۾ مولانا نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه پنهنجي شهزادي اعليٰ حضرت، امامِ اهلسنت، شاھ امام احمدرضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي خواب ۾ اچي فرمايائون: پٽ! هن ڀيري رمضان المبارڪ ۾ گھڻو بيمار ٿيندين، روزو نه ڇڏجان۔
سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: ائين ئي ٿيو جيئن والدِ محترم خواب ۾ اچي فرمايو هو، رمضان المبارڪ ۾ مان شديد بيمار ٿي پيس، طبيب (يعني ڊاڪٽر) تمام گھڻو چيو ته روزو نه رکو پر الحمد لله! مون روزو نه ڇڏيو ۽ انهيء جي برڪت الله پاڪ جي فضل سان شفا ڏني جو حديثِ پاڪ ۾ ارشاد آهي: صُومُوا تَصِحُّوا يعني روزو رکو تندرُست ٿي ويندؤ۔ (ملفوظاتِ اعلیٰ حضرت، صفحہ:206)
صَلُّوا عَلَي الحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
(3): يارهن درجن تائين اسان پهچايو آهي (حڪايت)
سيدي اعليٰ حضرت، امامِ اهلسنت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هڪ ڏينهن خواب ڏٺو ته سندن والِدِ محترم مولانا نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه آيا آهن، هڪ نفيس ۽ قيمتي سُواري به پاڻ سان گڏ آهي، مولانا نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه پنهنجي شهزادي اعليٰ حضرت،