Book Name:Molana Naqi Ali Khan ki 3 Karamat
عاشقِ رسول جو سَفَرِ مدينه (حڪايت)
1295 هجري جي ڳالھ آهي، شوَّال جو مهينو هو، والِدِ اعليٰ حضرت مولانا نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه شديد بيمار ٿيا، جسم جي ظاهري طاقت ۾ ڪافِي ڪمزوري اچي وئي، انهيء حالت ۾ هڪ ڏينهن پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه آرام فرما هئا، ظاهري اکيون بند هيون پر قسمت بيدار هئي، دِل جون اکيون کليل هيون، مدني آقا، مڪي آقا، ٻنهي جھانن جي داتا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ڪرم فرمايو، پنهنجي سچي عاشق جي خواب ۾ آيا
سَرِ بالیں، انہیں رَحْمت کی ادا لا ئی ہے حال بگڑا ہے تو بیمار کی بَن آئی ہے
سرڪارِ نامدار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي سچي عاشق کي حڪم فرمايو ته مديني هليا اچو...! بس هاڻي ٻيو ڇا کپي، مولانا نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي اک کُلي، توڙي جو طبيعت ناساز هئي، ظاهري جسماني طاقت ۾ ڪافِي ڪمزوري هئي پر مدني آقا، محبوبِ خُدا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ حڪم فرمائي چڪا هئا، ان ڪري مولانا نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه يڪدم حج ۽ مديني پاڪ حاضِري جو پختو ارادو ڪيو، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي دوستن محبن، اَهلِ خانه وغيره گھڻو عرض ڪيو: عاليجاھ...!! طبيعت ناساز آهي، هلڻ ڦرڻ به دُشوار آهي، جيڪڏهن آئنده سال وڃو ته به سرڪارِ عالي وقار، مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي حڪم تي عَمَل ٿي ويندو پر مولانا نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي عشق جو ڪمال ڏسو! طبيعت ناساز، جسماني طور تي ڪافِي ڪمزوري ۽ هاڻي ته هوائي جهاز تي سَفَر ٿيندو آهي، هند کان ڪجھ ڪلاڪن ۾ مديني پاڪ پهچي سگھجي ٿو، ان وقت بحري جهاز تي، سامونڊي رستي کان سَفَر ٿيندو هو، مديني پاڪ پهچڻ ۾ ڪيئي ڪيئي ڏينهن لڳي ويندا هئا، ان سڀ صُورتِ حال جي باوُجُود سچي عاشق رسول، مولانا نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه دوستن محبن جي عرض تي عشقِ رسول ۾ گم ٿي فرمايو: مديني پاڪ جي ارادي سان قَدَم دروازي کان ٻاهر رکي وٺان، پوءِ چاهي رُوح انهيء وقت پرواز ڪري وڃي۔ (فضائلِ دُعا، صفحہ:40)