Book Name:Usman-e-Ghani Aur Muhabbat-e-Ilahi
هجي بلڪه الله پاڪ جي رِضا جي لاءِ محبت هجي ۽ ٽيون وَصف اهو ته ڪفر سان اهڙي نفرت ڪرڻ جيئن باھ ۾ ڪرڻ کان نفرت ڪئي ويندي آهي، اهي ٽي صِفتون جنهن خوش نصيب کي ملي وڃن، اهو ايمان جي لذَّت حاصِل ڪري وٺندو آهي ۽ جنهن کي اِيمان جي لذَّت نصيب ٿي وڃي ان جا ته ڄڻ ڀاڳ کلي ويندا آهن، جنهن کي اِيمان جي لذَّت نصيب ٿي وڃي ان کي عبادت جو شوق ملي ويندو آهي، جنهن کي اِيمان جي لذَّت ملي وڃي اهو ڪامِل مومن بڻجي ويندو آهي، جنهن کي ايمان جي لذَّت ملي وڃي اهو وڏيون وڏيون مشڪلاتون خوشي خوشي سان برداشت ڪري ويندو آهي، ان جي لاءِ ڪا مشڪل، مشڪل ناهي رهندي، ڏسو! امام حُسَين رَضِىَ اللهُ عَنۡه ميدانِ ڪربلا ۾ 3 ڏينهن بُکايل اُڃايل رهيا، پنهنجو خاندان، 72 جانيون قربان ڪيون، ننڍڙو شهزادو حضرت علي اَصغر رَضِىَ اللهُ عَنۡه به شهيد ٿي ويو، آخر ۾ امام حُسين رَضِىَ اللهُ عَنۡه پاڻ به شهيد ٿي ويا پر زبان مان اُف تائين نه نڪتو، ذَرّي برابر به ناشڪري نه ڪئي، الله پاڪ کان ڪنهن قسم جي شڪوه ڪانه ڪئي... اهو سڀ ڇا هو؟ اها اِيمان جي طاقت هئي، اها اِيمان جي لذّت ۽ حلاوت هئي، خواجه سِرِّي سَقطي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه 98 سال دُنيا ۾ تشريف فرما رهيا، سڪرات جي وقت کان عِلاوه ڪنهن پاڻ کي ڪڏهن ليٽيل نه ڏٺو، هميشه عبادت ڪندا هئا۔ محمد جريري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هڪ سال مڪهءِ مڪرمه ۾ رهيا، نه اُتي سُتا، نه چيلھ سڌي ڪئي، نه پير ڊگھيڙيا، فجر نماز پڙهي ذِڪرُ الله شروع ڪندا هئا، ظهر ٿي ويندي هئي، ظهر کان پوءِ ٻيهر ذِڪرِ اِلٰهي ۾ مَصرُوف ٿيندا هئا، ايستائين جو عصر ٿي ويندي هئي، عصر کان مغرب تائين، مغرب کان عشاء تائين، عشاء کان وري فجر تائين ويٺي ذِڪرُ الله ئي ڪندا هئا، حضرت ابوبڪر عياش رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه روزانو 30 هزار ڀيرا سوره اخلاص پڙھندا هئا، روزانو 500 نفل پڙھندا هئا، ڏينهن ۾ ڪيئي ڪيئي ختمِ قرآن ڪندا هئا۔ امام اعظم، امام ابو حنيفه رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه 40 سال عشاء جي وُضو سان فجر جي نماز ادا ڪئي، هر رات ٻن رڪعتن ۾ قرآنِ ڪريم ختم ڪندا هئا۔ )جواہِرُ البیان، صفحہ:32-33(