Book Name:Azadi Kisay Kehtay Hain

لڳائي ته 70 شيطان ان سان گڏ شامل ٿي ويندا آهن۔([1]) (2): جڏهن توهان مان ڪو تيل لڳائي ته ڀروئن کان شروع ڪري، ان سان مٿي جو دَرد پري ٿيندو آهي۔ ([2])

اي عاشقانِ رسول! تيل لڳائڻ سُنَّتِ مصطفيٰ آهي۔ * اسان جا نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪثرت سان تيل استعمال ڪندا هئا * پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  ايترو تيل لڳائيندا هئا جو مبارڪ زلفن مان تيل جا قطرا وهڻ لڳندا هئا۔([3]) * رحمت عالم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هڪ ڏينهن ڇڏي ٻئي ڏينهن تيل لڳائڻ پسند ڪندا هئا۔ ([4])* سُنَّت اها آهي ته بِسمِ الله پڙھي تري تي تيل وجھي پهريان ٻنهي ڀروئن تي، پوءِ ٻنهي اکين جي پلڪن تي، پوءِ مٿي تي تيل لڳايو وڃي۔ اهڙي طرح ڏاڙھي ۾ تيل لڳائڻ مهل ٻُچي (يعني هيٺين چپ ۽ کاڏي جي وچين وارن) کان ابتداء ڪرڻ سُنّت آهي۔ ([5])

پيارا اسلامي ڀائرو! سُنّت تي عمل ڪندي، سُنّت طريقي جي مطابق ڪثرت سان تيل لڳائڻ جي عادت بڻايو پر مٿي ۾ بَدۡبُو نه ٿئي، عمامو شريف ميرو نه ٿئي، ان جو خاص اهتمام ڪيو، مثلاً ممڪن هجي ته خوشبودار تيل لڳايو. سنت جي نيت سان مٿي تي سَربند به ٻڌو. الله پاڪ عمل جي توفيق عطا فرمائي.                اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صلَّی اللہ علیہ واٰلہٖ وسلَّم


 

 



[1]...عمل الیوم واللیلۃلابن سنی، باب:التسمیۃ اذادہن، صفحہ:116، حدیث:174۔

[2]...جامع صغیر، صفحہ:28، حدیث:369۔

[3]...شمائل محمدیہ، باب:فی ترجل رسول اللہ، صفحہ:115، حدیث:33۔

[4]...شعب الایمان، باب:فی الملابس، فصل:کراہیۃ الوسخ، جلد:5، صفحہ:168، حدیث:6226۔

[5]...معجم اوسط، جلد:5، صفحہ:366، حدیث:7629 و کنز العمال، جز:7، جلد:4، صفحہ:46، حدیث:18295۔