Book Name:Bilal Habshi Ki 8 Hikayaat
رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اسان کي ايترو قريب ويهاريندا هئا جو اسان جا گوڏا جانِ ڪائنات، فخرِ موجودات صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي گوڏن سان ملي ويندا هئا۔
دامَنِ مصطفےٰ سے جو لپٹا یگانہ ہو گیا جس کے حُضُور ہو گئے، اس کا زمانہ ہو گیا
اي عاشقانِ رسول! حضرت بلال، حضرت صهيب، حضرت خَبَّاب ۽ انهن جھڙن ٻين صحابي سڳورن عَلَيهمُ الرِّضوَان جي فضيلتن جو بيان هتي ختم نٿو ٿئي، هن کان اڳتي به جاري آهي، ٿورو دِل پڪي ڪري رِوايت جو باقِي حِصّو ٻڌو ۽ ڏسو! مُعَاشري ۾ غُلام سڏائڻ وارا اهي صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضوَان جڏهن دامَنِ مصطفيٰ سان وابسته ٿيا ته اِسلام انهن جي ڪيتري عِزَّت افزائي ڪئي، حضرت خَبَّاب رَضِىَ اللّهُ عَنۡه فرمائن ٿا: اسان بارگاھ رسالت ۾ حاضِر هوندا هئاسين ته حُضُور اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اسان سان گڏ تشريف فرما هوندا هئا، جيتري دير ارادو فرمائيندا هئا ويهندا هئا، پوءِ ڪا ضرورت هوندي هئي ته اسان کي اتي ويٺل ڇڏي تشريف وٺي ويندا هئا، ان تي الله پاڪ اها آيت نازِل فرمائي:
وَ اصْبِرْ نَفْسَكَ مَعَ الَّذِیْنَ یَدْعُوْنَ رَبَّهُمْ بِالْغَدٰوةِ وَ الْعَشِیِّ یُرِیْدُوْنَ وَجْهَهٗ (پاره15،سورۃالڪهف:28)
ترجمو ڪنزالايمان: ۽ پنهنجي پاڻ کي انهن سان مانوس رک جيڪي صبح ۽ شام پنهنجي رب کي پڪاريندا آهن ان جي رضا گهرندا آهن.
حضرت خَبَّاب رَضِىَ اللّهُ عَنۡه فرمائن ٿا: اها آيت سڳوري نازِل ٿيڻ کان بعد حالت اها ٿي وئي جو پياري نبي، رسولِ هاشِمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اسان سان گڏ تشريف فرما رهندا هئا، اسان پاڻ اجازت وٺندا هئاسين ته ٻي ڳالھ آهي، نه ته حُضُو ڪريم اسان کي اتي ويٺل ڇڏي ڪونه ويندا هئا۔ (تاریخ مدینہ دمشق، جلد:10، صفحہ:447تا448)
جب تک بِکے نہ تھے، کوئی پوچھتا نہ تھا آپ نے خرید کر ہمیں انمول کر دیا