Book Name:Aqal Mand Mubaligh
مَوعِظهءِ حَسَنَه ڇا کي چئبو آهي...؟
اها ته هئي ”حڪمت“ جي وَضَاحت۔ هاڻي اچو! اهو ٻڌون ٿا ته مَوْعِظَۂِ حَسَنَہ ڇا کي چئبو آهي۔ * امام سُيوطي شافعي رَحمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: مَوْعِظَۂِ حَسَنَہ جو مطلب آهي: نَرم ڳالھ۔ (تفسیر جلالین، پارہ:14، سورۂ نحل، زیرِ آیت:125) يعني نيڪي جي دعوت ڏيڻ وارو نرمي سان نيڪي جي دعوت ڏي.
۽ حقيقت تي نظر وجهون ته نيڪي جي دعوت ٿيندي ئي نرمي سان آهي ڇوته نيڪي جي دعوت ڏيڻ وارو ماڻهن کي پنهنجي ڳالھ سمجھائي رهيو هوندو آهي ۽ سختي، سمجھائڻ جو نه بلڪه وڙهڻ جو انداز آهي۔ سمجھڻ سمجھائڻ، اهو نرمي سان ٿيندو آهي ۽ سختي سان جھيڙو ٿيندو آهي، هڪ مبلغ جيڪو نيڪي جي دعوت ڏيندو آهي، ان جو منصب آهي: جھيڙو ٽارڻ، جھيڙو ڪرڻ، جھيڙو وڌائڻ اهو مبلغ جو منصب نه آهي، ان ڪري جيڪڏهن پاڻ مبلغ ئي سختي سان پيش اچي ٿو تڏهن ته هو مبلغ رهيو ئي نه، بلڪه پاڻ ان کي حاجت آهي ته ڪو ان کي نيڪي جي دعوت ڏي۔ ان ڪري جيڪو به نيڪي جي دعوت ڏئي ٿو، ان کي گھرجي ته پنهنجي منصب کي سامهون رکي ۽ مَوعِظَهءِ حَسَنَه يعني نرمي سان نيڪي جي دعوت کي عام ڪري۔ * امام نَسفِي رَحمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: مَوعِظَه حَسَنَه جو مطلب آهي: اِنذَار ۽ بِشَارَت کي ملائڻ۔ (تفسیر مدارک، پارہ:14، سورۂ نحل، زیرِ آیت:125) اِنذَار جي معني آهي: ڊڄارڻ ۽ بِشَارت جي معني آهي: خوشخبري ڏيڻ۔ مطلب اهو آهي ته مبلغ خوفِ خُدا جون ڳالهيون ڪري، گُنَاهن بابت عذابات ٻُڌائي، الله پاڪ جي غضب کان، اُن جي پڪڙ کان، عذابِ قبر کان، عذابِ جهنّم کان ماڻهن کي ڊيڄاري ۽ گڏوگڏ الله پاڪ جي رَحمت جو به تذڪرو ڪري، نيڪين جون فضيلتون ٻڌائي. جيڪڏهن مبلغ صِرف عذابن ئي جون ڳالهيون ڪندو ته ماڻهو رَحمتِ اِلٰهي کان مايوس ٿي ويندا ۽ جيڪڏهن صِرف رَحمت جون ڳالهيون ڪندو ته ماڻهو گُنَاهن تي دلير ٿي ويندا۔