Book Name:Aqal Mand Mubaligh
انهن جي ڪارڪردگي وغيره جي لاءِ شعبه اَئِمَّه مساجد * مسلمان مرد ۽ عورت جي انتقال جي موقعي تي مسلمانن جي خير خواهي ۽ غم خواري ڪندي ميت جي غسل، ڪفن دفن وغيره جي لاءِ شعبه ڪفن دفن * ديني ۽ مقدس تحريرات کي بي ادبي کان بچائڻ ۽ انهن کي محفوظ يا ٿڌو ڪرڻ جي لاءِ شعبه تحفظِ اوراقِ مقدسه * دورِ حاضِر ۾ T.V، انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا گُنَاهن جا تمام وڏا ذريعا بڻجي چڪا آهن ۽ انهن جي ڪري ڏسندي ئي ڏسندي بي حيائي، فحاشي ۽ گُنَاهن جو هڪ سيلاب اچي ويو آهي. الحمد لله! شيخِ طريقت امير اهلسنت دَامَتۡ بَرَکاتُهُمُ العَالِيه هن پاسي به ڌيان ڏنو ۽ مدني چينل جارِي ڪيو، مدني چينل هن وقت تائين ٽن زبانن (انگلش، اردو ۽ بنگلا) ۾ دُنيا جي اڪثر ملڪن ۾ اسلامي نشريات ڏيکاري رهيو آهي، اهڙي طرح يوٽيوب تي دعوتِ اسلامي پنهنجا چينل بڻايا، فيس بُڪ جا اڪاؤنٽس بڻايا، دُنيا جا لکين ماڻهو اسمارٽ فون استعمال ڪن ٿا، انهن تائين اسمارٽ فون جي ذريعي نيڪي جي دعوت پهچائڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي I.T ڊيپارٽمنٽ جي ذريعي مختلف موبائل ايپلي ڪيشنز بڻايون ويون ۽ اهو سلسلو اڳتي به جارِي آهي۔ انهيء I.T ڊپارٽمنٽ هڪ موبائل ايپلي ڪيشن جاري ڪئي آهي: Dawateislami & Digital Services (دعوتِ اسلامي ۽ ڊيجيٽل سروسز) هن موبائل ايپلي ڪيشن ۾ دعوتِ اسلامي جي تمام ڊيجيٽل سروسز بابت معلومات ڏني وئي آهي۔
* الحمد لله! دعوتِ اسلامي ويلفيئر (يعني فلاحي ڪمن) ۾ به خوب خِدمت ڪري رهي آهي، هن جي لاءِ شعبو FGRF قائِم آهي، هن شعبي تحت آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ڏُکايل اُمَّت جي خير خواهي جي لاءِ، انهن جا ڏُک دَرد دُور ڪرڻ جي لاءِ، سيلاب، زلزلو وغيره مختلف آفتن جي موقعن تي رقم، لباس، کاڌو وغيره پيش ڪري مدد ڪئي ويندي آهي۔ لاڪ ڊاؤن دوران الحمد لله! لکين عاشقانِ رسول ۾ ڪيش رقم ۽ کاڌي پيتي جون شيون ورهايون ويون، ٿيليسيميا فري پاڪستان تي به ڪم الحمد لله! جاري آهي۔ اِن شَآءَ الله الڪرِيم! عنقريب دعوتِ اسلامي ”مدني هوم“ به بڻائي رهي آهي، جتي يتيمن جي پرورش جو، انهن جي