Book Name:Aqal Mand Mubaligh
ديني ۽ دُنياوي تربيت لاءِ بندوبست ڪيو ويندو ۽ انهن کي مُعَاشري جو بهترين فرد بنائڻ ۾ مدد ڪئي ويندي۔
اهڙي طرح وقت سان گڏوگڏ امير اهلسنت دَامَتۡ بَرَکاتُهُمُ العَالِيه ڪمال حڪمتِ عملي جو مُظَاهرو ڪندي موقعي جي مناسبت سان دُرست ۽ بروقت فيصلا ڪندا ويا، شعبا بڻجندا ويا، دعوتِ اسلامي ترقي ڪندي وئي ۽ الله پاڪ جي فضل سان، ان جي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي نظرِ عنايت سان، اولياءِ ڪرام جي فيضان سان ڪراچي شهر جي هڪ علائقي مان نڪرندڙ ديني تحريڪ ڏسندي ئي ڏسندي الحمد لله! شهر شهر، ڳوٺ ڳوٺ، مُلڪ مُلڪ پکڙجندي وئي، سُنتن جو ڪم ٿيندو ويو، دِين جي تبليغ ٿيندي وئي ايستائين جو امير اهلسنت دَامَتۡ بَرَکاتُهُمُ العَالِيه جي هن ڪمال حڪمتِ عملي جون بهارون ڏسي زمانو پُڪارڻ لڳو:
مسلک کا تو امام الیاس قادری تدبیر تیری تام ہے، الیاس قادری
فکرِ رضا کو کر دیا عالَم پہ آشکار یہ تیرا اُونچا کام ہے الیاس قادری
ہے دعوتِ اسلامی کی دُنیا میں دُھوم دھام مقبول تیرا کام ہے الیاس قادری
تنہا چلا تو ساتھ ترے ہو گیا جہاں میٹھا ترا کلام ہے الیاس قادری
سَر پر عمامہ ماتھے پہ سجدوں کا نُور ہے جو بھی ترا غُلام ہے الیاس قادری
صَلُّوا عَلَي الحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
شيخِ طريقت امير اهلسنت دَامَتۡ بَرَکاتُهُمُ العَالِيه جي ڪمال حڪمتِ عملي جو هڪ ٻيو پهلو به آهي، اهو هي ته ڪم ڪرڻ، ڪم ٿي وڃڻ، اها تمام وڏي ڳالھ آهي پر ان کان وڌيڪ اَهم ۽ ضروري هوندو آهي: ڪم کي دَوَام ملڻ، يعني ڪم ۾ هميشگي اچي، ڪم هلندو رهي۔ ان جي لاءِ شيخِ طريقت، امير اهلسنت دَامَتۡ بَرَکاتُهُمُ العَالِيه مختلف مجلسن جو نِظَام بڻايو، پوءِ تمام مجلسن تي مَرڪزِي مَجلِسِ شُوريٰ بڻائي ۽ دعوتِ اسلامي جو سڄو نِظَام مرڪزِي مَجلِسِ شُوريٰ جي