Book Name:Aqal Mand Mubaligh

ٿا:) اهڙي شخص کان پري رَهو، ڇوته ڪٿي ان جي گُنَاهن جي باھ توهان کي نه وڪوڙي وٺي * : ٽيون اهو شخص لَہٗ قَلْبٌ بِلَا لِسَانٍ جنهن وٽ دِل آهي پر زبان نه آهي۔ هي اهو مؤمن آهي جنهن تي الله پاڪ ان جا پنهنجا عيب ظاهر ڪيا آهن، اهو بس تنهائي ۾ رهي پنهنجي اِصلاح ۾ مَصرُوف رهي ٿو، الله پاڪ ان جي دِل روشن ڪري ڇڏي آهي ۽ اهو ماڻهن کان لڪندو رهي ٿو، جيڪڏهن اهڙو ڪو ملي ته ان جي صحبت اختيار ڪيو، ان جي خدمت ڪيو، ان جي برڪت سان الله پاڪ توهان کي به نيڪ ماڻهن ۾ شامِل فرمائيندو. * : حُضُور غوثِ پاڪ رَحمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: چوٿون اهو شخص آهي جنهن کي ملائڪ عظمت سان ياد ڪن ٿا، حديثِ پاڪ ۾ آهي: جنهن عِلم سکيو، ان تي عمل ڪيو ۽ ٻين کي سيکاريو، ملائڪن وٽ ان کي عظيم چيو ويندو آهي۔ حُضُور غوثِ اعظم رَحمَةُ اللهِ عَلَيۡه وڌيڪ فرمائن ٿا: اهو الله پاڪ جي مَعرِفت رکندڙ آهي، هي اهو آهي جنهن کي الله پاڪ پنهنجي آيتن (يعني نشانين) جو عالِم بڻايو آهي، ان جي دِل ۾ نادِر و ناياب عِلم جا موتي رکيا ويا آهن، اهو پسنديده ٻانهو آهي، اهو مقبول آهي، الله پاڪ ان کي هدايت عطا فرمائي، الله پاڪ ان کي پنهنجي قُرب ۾ ترقي عطا فرمائي، عِلم جي لاءِ ان جو سينو کولي ڇڏيو آهي، ان کي نيڪي جي دعوت ڏيڻ وارو، عذابن کان ڊيڄارڻ وارو بڻايو آهي، اهو پاڻ هدايت تي آهي ۽ ٻين کي هدايت ڏئي ٿو، اهو انبياءِ ڪرام عَلَيهمُ السَّلَام جو سچو نائب آهي۔

حُضُور غوثِ پاڪ رَحمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجي مريدن، پنهنجي چاهيندڙن بلڪه تمام عاشِقانِ رسول کي نصيحت ڪندي فرمائن ٿا: توهان کي اهڙو شخص ملي ته ان کي لازِم پڪڙي وٺو! ان جي مخالفت نه ڪيو! ان کان نفرت نه ڪيو! ان کان الڳ نه رهو! ان جي ڳالھ نه مڃڻ کان، ان جي نصيحت تي عَمَل نه ڪرڻ کان بچو! ڇوته انبياءِ ڪرام عَلَيهمُ السَّلَام جو اهڙو سچو نائب جيڪو عِلم تي عمل ڪري به ٿو ۽ نيڪي جي دعوت جون ڌُومون به مچائي ٿو، ان جي پيروي ۾ سلامتي آهي۔ (شرح فُتُوح الغیب، صفحہ:353)