Book Name:Aqal Mand Mubaligh
آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي گھر وارن تي خرچ ڪندا هئا * حديثِ پاڪ جي مطابق هجرت کان بعد هڪ وقت اهو به آيو جو رسولِ اڪرم، نُورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي گھر وارن جي لاءِ سڄي سال جو اَن گڏ ڪندا هئا۔ (احیاء العلوم، کتاب: توحید، جلد: 4، صفحہ:343)
هن حديثِ پاڪ جي حوالي سان مُفَسِّرِ قرآن، حڪيم الاُمَّت مفتي احمد يارخان نعيمي رَحمَةُ اللهِ عَلَيۡه جيڪا شرح ڪئي، ان جو خُلاصو آهي ته اهو يعني سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو سڄي سال جي لاءِ اَن گڏ ڪرڻ، بنو نُضَير جو قلعو فتح ٿيڻ کان پوءِ جي ڳالھ آهي۔ اهو به خيال رهي ته حُضُور، جانِ ڪائنات صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ توڙي جو سڄي سال جو اَن گڏ ڪندا هئا پر ازواجِ پاڪ ڪثرت سان صدقو ۽ خيرات ڪنديون هيون، سڄي سال جو اَن جلد ختم ٿي ويندو هو ۽ نَوبَت فاقن تائين پهچي ويندي هئي۔ (مرآۃُ المناجِیْح، جلد:5، صفحہ:949)
بھوکے رہتے تھے خود اوروں کو کھلا دیتے تھے کیسے صابِر تھے مُحَمَّد کے گھرانے والے
اِحياءُ العلوم ۾ آهي: رسولِ اڪرم، نور مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو سڄي سال جو اَن گڏ ڪرڻ ان ڪري آهي ته جيئن اهو عَمَل امَّت جي حق ۾ سُنّت بڻجي وڃي، نه ته پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي گھروارا ڪمزور دِل نه هئا (بلڪه اهي الله پاڪ تي ڪامِل ڀروسو رکندڙ هئا)۔ (احیاء العلوم، کتاب: توحید، جلد: 4، صفحہ:343)