Book Name:Aqal Mand Mubaligh

کان علاوه ان شخص جي بهترين هئڻ جي لاءِ اهو به شرط آهي ته هو اهي ڪم شهرت جي لاءِ، ڪنهن دُنياوي لالچ جي لاءِ نه ڪري بلڪه اُن جون اهي سموريون ڪوششون صِرف ۽ صِرف الله پاڪ جي رضا جي لاءِ هجن۔ جيڪڏهن ايئن ٿيو ته اهو شخص اُمَّت جو بهترين شخص آهي۔ (فیض القدیر، جلد:3، صفحہ:463، زیرِ حدیث:3979)

 ڪجھ ماڻهو ڀلائي جون چاٻيون آهن

 پيارا اسلامي ڀائرو! اچو! هڪ ٻي حديثِ پاڪ ٻڌڻ جي سَعَادت حاصل ڪيون ٿا۔ خادِمِ مصطفيٰ، صحابي رسول حضرت اَنس بن مالِڪ رَضِىَ اللّهُ عَنۡه کان روايت آهي، الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشِمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: بيشڪ ماڻهن ۾ ڪجھ اهي آهن جيڪي ڀلائي جون چاٻيون آهن ۽ بُرائي جا تالا آهن ۽ ڪجھ اهي ماڻهو آهن جيڪي بُرائي جون چاٻيون ۽ ڀلائي جا تالا آهن، پوءِ خوشخبري آهي ان شخص جي لاءِ جنهن جي هٿ تي الله پاڪ ڀلائي جون چاٻيون رکيون آهن ۽ هلاڪت آهي ان شخص جي لاءِ جنهن جي هٿ تي الله پاڪ بُرائي جون چاٻيون رکيون آهن۔ (جامِع صغیر، صفحہ:210، حدیث:2465)

هن حديثِ پاڪ ۾ ٻن قسمن جي ماڻهن جو تذڪرو آهي: (1): اهو شخص جيڪو ڀلائي جي چاٻي ۽ بُرائي جو تالو آهي يعني هي اهڙو شخص آهي جنهن جي هٿ تي نيڪي ۽ ڀلائي کي جارِي ڪيو ويو آهي، اهو ماڻهن تي صدقو ۽ خيرات ڪري ٿو، ڏُک دَرد ۾ ڀريل ماڻهن جي حاجت پُوري ڪري ٿو، جاهلن کي عِلم سيکاري ٿو، ڀٽڪيلن کي سڌي واٽ ڏيکاري ٿو، بي نمازين کي نمازي بڻائي ٿو، فيشن پرستن کي سنتن جو پيڪر بڻائي ٿو، جيڪي دِين کان پري هجن، انهن جي دِل ۾ دين جي محبت پيدا ڪري ٿو. (تَنْوِیر شرجامِع صغیر، جلد:4، صفحہ:113) ۽ عَلَّامه مناوي رَحمَةُ اللهِ عَلَيۡه لکن ٿا: ان شخص جو اهو شان آهي جو ان کي ڏسي ماڻهن کي نيڪي ياد ايندي آهي، اهو جتي ويندو آهي، نيڪين کي خوب عام ڪندو آهي، ڳالهائيندو آهي ته ان جي وات مان نيڪ ڳالهيون نڪرنديون