Book Name:Aqal Mand Mubaligh
نيڪي جي دَعوَت عام ڪرڻ جو دُرُست طريقيڪار
سيپاري: 14، سوره نَحل، آيت: 125 ۾ ارشاد آهي:
اُدْعُ اِلٰى سَبِیْلِ رَبِّكَ بِالْحِكْمَةِ وَ الْمَوْعِظَةِ الْحَسَنَةِ
ترجموڪنزالايمان: پنهنجي رب جي واٽ جي طرف سڏ پڪي سمجھ ۽ چڱي نصيحت سان.
هيءَ آيت سڳوري ڄڻ ته ”نيڪي جي دعوت“ جي دِيني ڪم جو مڪمل نصاب (Syllabus) آهي. پهريان نيڪي جي دعوت ڏيڻ واري جي عظمت ۽ شان جو بيان ٻُڌو، هاڻي اچو! هن آيت سڳوري جي روشني ۾ نيڪي جي دعوت ڏيڻ جو دُرُست انداز ۽ طريقو سکون ٿا۔ الله پاڪ فرمائي ٿو: اُدۡعُ (سڏ!)۔ ذِهن ۾ سُوال پيدا ٿئي ٿو: ڪنهن کي سڏيون؟ مفسِّر سڳورا فرمائن ٿا: سڄي دُنيا جي انسانن کي۔ (تفسیر بیضاوی، پارہ:14، سورۂ نحل، زیرِ آیت:125، جلد:3، صفحہ:245)
امام غزالي رَحمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: مُحتَسَبۡ (يعني جنهن کي نيڪي جي دعوت ڏيڻي آهي) ان جو صِرف هڪ شرط آهي: اُهو انسان هجي۔ (احیاءُ العلوم مترجم، جلد:2، صفحہ:1162) جيڪو به انسان آهي، اهو جيئن به آهي، ان کي نيڪي جي دعوت ڏني ويندي، ڪافِر آهي ته ان کي ايمان جي دعوت ڏني ويندي، گنهگار آهي ته ان کي نيڪ ڪمن جي دعوت ڏني ويندي، جيڪو رياڪار آهي، ان کي اخلاص جي دعوت ڏني ويندي، جيڪو حَسَد جو شِڪار آهي، ان کي شڪر گُذاري جي دعوت ڏني ويندي، ڪوڙ ڳالهائڻ واري کي سچ جي دعوت ڏني ويندي، خيانت ڪرڻ واري کي امانت داري جي دعوت ڏني ويندي، غرض؛ جيڪو انسان آهي، ان کي نيڪي جي دعوت ڏني ويندي ۽ ان جي حَسبِ حال دعوت ڏني ويندي۔
الله پاڪ فرمايو: اُدۡعُ (سڏ!)۔ هاڻي سُوال ذِهن ۾ اچي ٿو: ڪنهن طرف سڏيون؟ ان جو جواب الله پاڪ ارشاد فرمايو: اِلٰی سَبِیۡلِ رَبِّکَ (پنهنجي رب جي راهه