Book Name:Data Huzoor Ki Nasihatain

شُروع ڪيون ٿا۔ *سُوال پڇڻ واري جو مقصد ڪهڙو آهي؟ * سُوال جو دُرست مطلب ڇا آهي؟ *قرآنِ ڪريم ۾ ان سُوال جي باري ۾ ڪهڙا اَحڪام آهن؟ * حديثن ۾ ان باري ۾ ڇا ارشاد آهي؟ * عالم سڳورن هن باري ۾ ڇا فرمايو آهي؟ * پوءِ مان جيڪڏهن جواب ڏيڻ ئي لڳو آهيان ته منهنجي دِل جي حالت ڪهڙي آهي؟ * ڪٿي اهو جواب ڏيڻ ۾ نَفس جي خواهش ته شامِل نه آهي؟ *جواب ڏيڻ ۾ منهنجي نيت رِضاءِ اِلٰهي جي آهي يا نه؟ * ڪٿي مان رِياڪاري جو شڪار ته نه پيو ٿيان؟ * ڪٿي مان خُود پسندي جو شِڪار ته نه پيو ٿيان؟ ايئن صِرف هڪ سُوال جو جواب ڏيڻ ۾ هزار پهلو آهن، جن جي باري ۾ غور ڪرڻ ضروري هوندو آهي پر ماڻهو احتياط نٿا ڪن۔ سوشل ميڊيا تي تبصرا ڪري رهيا هوندا آهن، اَڻ پڙھ ماڻهو قرآن و حديث جي غلط سلط وضاحتون ڪري رهيا هوندا آهن، قرآنِ ڪريم مٿان کان ڏسي دُرُست پڙھڻ ناهي ايندو ۽ دِيني موضُوعات تي مُنَاظَرا ٿي رهيا هوندا آهن. اهي ماڻهو جيڪي اهڙي بيباڪي جو شِڪار آهن. انهن کي ڊڄڻ گھرجي. حديثِ پاڪ ۾ آهي: جيڪو بغير عِلم جي فتويٰ (يعني دِيني سُوالن جا جواب) ڏيندو آهي، ان تي زمين ۽  آسمان جا ملائڪ لعنت موڪليندا آهن۔([1])

میں بےکار باتوں سے بچ کر ہمیشہ         کروں تیری حمد و ثنا یااِلٰہی

ترے خوف سے تیرے ڈر سے ہمیشہ     میں تھر تھر رَہوں کانپتا یااِلٰہی

مرا ہر عمل بس ترے واسطے ہو            کر       اِخْلاص       ایسا       عطا       یااِلٰہی([2])


 

 



[1]...جامِع صَغیر، صفحہ:517، حدیث:8491۔

[2]...وسائِلِ بخشش، صفحہ:105۔