Book Name:Data Huzoor Ki Nasihatain
ثواب، البته شرعي طور جائِز آهن۔ انهن ٻنهي طرح جي ڪمن ۾ اَلْحُبُّ فِی اللہِ جو قانون نافذ ڪري ڇڏيو! مثال طور اسان ڪاروبار ڪيون ٿا، هن باري ۾ غور ڪيون ته منهنجو ڪاروبار گُنَاھ تي مشتمل ناهي، جيڪڏهن گُنَاھ تي مشتمل آهي، مثال طور وياج وارو ڪاروبار آهي، پوءِ ته يڪدم هن کان توبه ڪيو، جيڪڏهن گُنَاھ تي مشتمل نه آهي ته ان جي لاءِ صِرف نيت دُرست ڪريو مثال طور اها نيت ڪيو: الله پاڪ جي رِضا جي لاءِ، ٻارن جي دُرست پرورش جي لاءِ، والدين جي خدمت جي لاءِ، پنهنجي ذِمّي مالي حقوق جي ادائيگي جي لاءِ حلال رزق ڪمايان ٿو۔ اهڙي طرح اَولاد آهي، انهن سان محبت ڪيو پر ان ڪري نه جو اهو اوهان جو اَولاد آهي بلڪ ان ڪري جو شريعت انهن سان محبت جو حڪم ڏنو آهي. اهڙي طرح پنهنجي سمورن مُعَاملن ۾ ” اَلْحُبُّ فِي اللہِ (محبت الله جي لاءِ)“ جو قانون نافِذ ڪندا وڃو، مطلب ته اسان پنهنجي زِندگي جو صِرف هڪ مقصد بڻايون: مون کي الله پاڪ جي رِضا حاصِل ڪرڻي آهي بَس۔ پوءِ ان کان بعد پنهنجي هر ڪم ۾ ”الله پاڪ جي رضا ملڻ“ جا پهلو ڳولهيندا وڃو، دِل سان رِضَاءِ اِلٰهي جي حُصُول جي ڪوشش ڪندا وڃو، جيڪو به ڪم ڪيو، نفس جي خواهش سبب نه ڪيو، دُنياوي لالچ جي لاءِ نه ڪيو، ڪنهن به دُنياوي غرض جي لاءِ نه ڪيو بلڪ اسان جو هر ڪم صِرف ۽ صِرف الله پاڪ جي رِضا جي لاءِ هجي، اها ئي ترجيح آهي۔
هتي هڪ ٻي ڳالھ به ڌيان ۾ رکڻ جي آهي، اها هي ته جڏهن اسان پنهنجو رُخ بدلي ڪنداسين، ذِهن تبديل ڪنداسين، هر ڪم ۾ رِضاءِ اِلٰهي جي نيت ڪنداسين ته هن جي تقاضائن تي به عمل ڪرڻو پوندو، مثال طور اسان دُڪان تي آهيون، ڪم جي رش آهي، مَصرُوفيت آهي، هوڏانهن اذان ٿي وئي، هاڻي اسان جو اِمتحان آهي، هاڻي خبر پوندي ته اسان دُنياوي دولت جي لالچ ۾ نماز ڇڏيون ٿا يا الله پاڪ جي محبت ۾ دُنياوي دولت کي ڇڏيون ٿا، جيڪڏهن اسان