Book Name:Data Huzoor Ki Nasihatain
جي خبر پئي ته هو سخت ڪاوڙيو، ان يڪدم پنهنجي سپاهين کي حڪم ڏنو: جلد هن دَروَيش (يعني داتا سائين رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه) جي تبليغي سلسلي کي ختم ڪيو ۽ هن کي لاهور مان ٻاهر ڪڍو! حاڪم جو حڪم ٻُڌي سپاهين جو هڪ دستو داتا صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي رهائش گاھ تي آيو، اهو رات جو وقت هو، داتا صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجي خيمي ۾ ذِڪر ۽ فِڪر ۾ مَصرُوف هئا. سپاهين داتا صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي حاڪمِ لاهور جو حڪم ٻڌائيندي چيو: اوهان يڪدم هتان نڪري وڃو ۽ آئنده ڪڏهن هتي نظر نه اچجو۔ داتا صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه نرم لهجي ۾ فرمايو: مان ته الله پاڪ جي ٻانهن تائين الله پاڪ جو پيغام پهچايان ٿو ته جيئن انهن جي آخرت موچاري ٿئي۔ سپاهين ڪاوڙ مان چيو: اسان ڪجھ نٿا ڄاڻون، لاهور جي حاڪم جو حڪم آهي، بس اوهان کي هتان وڃڻو ئي پوندو. هاڻي داتا صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ايماني جذبي ۾ فرمايو: مان هتي الله پاڪ جي حڪم سان آيو آهيان، الله پاڪ ئي منهنجو مددگار آهي. سپاهي سندن اها ڳالھ ٻُڌي ڪاوڙ ۾ ڳاڙها لال ٿي پيا ۽ بي ادبي ڪرڻ لڳا، مَعَاذَ الله! انهن سندن مبارڪ خيمي کي باھ لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي پر الحمد لله! پُوري ڪوشش جي باوُجُود به هو داتا صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي خيمي کي باھ نه لڳائي سگھيا، نيٺ اهي هي سوچڻ تي مجبور ٿي ويا ته يقيناً هي ڪي بزرگ هستي آهن. ان ڪري ٿڪجي واپس موٽي ويا ۽ لاهور جي حاڪم کي سڄو واقعو ٻڌايو۔
لاهور جو حاڪم ڪافر هو، سپاهين جي ڳالھ ٻُڌي وڌيڪ غُصي ۾ آيو، ان سپاهين کي ڌڙڪا ڏنا ۽ حڪم ڏنو: ان دَرۡوَيش (يعني داتا سائين رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه) کي هر حال ۾ هتان ڪڍو! اهو منهنجو حڪم آهي. اهي ڳالھيون ٿي رهيون هيون ته اوچتو محل ۾ شور ٿيڻ لڳو: محل ۾ باھ لڳي وئي، محل ۾ باھ لڳي وئي۔ شور ٻڌي سپاهي وٺي ڀڳا، باھ وسائڻ جون ڪوششون شروع ٿيون پر باھ وسامڻ جو نالو ئي نه پئي وٺي۔