Book Name:Akhlaq-e-Mustafa Ki Jhalkiyan
خراب ڪندو آهي۔([1]) * بد اَخلاقي جي سبب گراهڪ دڪاندار وٽ ايندي ڪيٻائيندا آهن * بد اَخلاقي بُرو شگون آهي،([2]) * بداَخلاقي جيڪڏهن انساني شڪل ۾ هجي ها ته اها (نهايت) بُرو ماڻهو هجي ها،([3]) * الله پاڪ وٽ سڀ کان وڏي بُرائي بُرا اَخلاق آهن۔[4] * بيشڪ بيحيائي ۽ بد اَخلاقي جو اسلام جي ڪنهن شيء سان ڪو تعلق ناهي۔([5]) *بد اَخلاقي تبليغِ دين جي راھ ۾ نهايت وڏي رُڪاوٽ آهي،* بد اَخلاقي سان ڪڏهن ڪڏهن زال مڙس ۾ طلاق جي نوبت اچي ويندي آهي،* بد اَخلاقي جي نحوست سان گھر جو سُڪون برباد ٿي ويندو آهي، * بد اَخلاق هڪ گُناھ کان توبه ڪندو آهي ته ان کان بدتر گُناھ ۾ گرفتار ٿي ويندو آهي۔([6]) *بداَخلاق شخص کي ڪيئي ڀيرا ناڪامين کي منهن ڏيڻو پوندو آهي مطلب ته بداَخلاقي ڪثير برائين جو مجموعو ۽ دُنيا ۽ آخرت ۾ هلاڪت ۽ بربادي جو سبب آهي، تنهنڪري اسانکي کپي ته اسان نه صرف پاڻ ان آفت کان بچون بلڪه ٻين مسلمانن کي به ان کان بچندي رهڻ جي ترغيب ڏياريو۔ الله پاڪ سڀني مسلمانن کي حسن اَخلاق جي لازوال دولت نصيب فرمائي۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم
بھاگتے ہیں سُن لے بد اَخْلاق انساں سے سبھی مسکرا کر سب سے ملنا دل سے کرنا عاجزی
(وسائل بخشش مرمم،ص۶۹۸)
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
[1]… معجم کبیر، محمد بن کعب …الخ ،۱۰ /۳۱۹، حدیث: ۱۰۷۷۷
[2]… کنز العمال،کتاب الاخلاق،قسم الاقوال،الباب الثانی…الخ ،الجزء۳،۲/۱۷۸،حدیث:۷۳۴۳
[3]… کنز العمال،کتاب الاخلاق،قسم الاقوال،الباب الثانی،الفصل الاول ،الجزء الثالث،۲ /۱۷۸، حدیث: ۷۳۵۱
[4]… جامع الاحادیث ،۱۹/۴۰۶ ، حدیث : ۱۴۹۲۲ملخصاً
[5]… مسند احمد،مسند البصریین،حدیث ابی عبد الرحمن، ۷/۴۳۱، حدیث: ۲۰۹۹۷
[6]… جامع الاحادیث للسیوطی،قسم الاقوال،۲/۳۷۵،حدیث: ۶۰۶۴