Book Name:Akhlaq-e-Mustafa Ki Jhalkiyan

ڳالهائيندا آهن، اهو سنّت جي خلاف آهي۔

]4[ کڻي هڪ ڏينهن جو ٻار هجي سٺين سٺين نيتن سان انهن سان به اوهان توهان سان گفتگو ڪرڻ جي عادت بڻايو۔ اوهان جا اخلاق به انشآءَالله عمدا ٿيندا ٻار به آدب سکندا۔

]5[ ڳالهه ٻولهه ڪرڻ وقت پردي جي جاءِ تي هٿ لڳائڻ، آڱرين سان بدن تان ميل لاهڻ، ٻين جي سامهون بار بار نڪ کي ڇهڻ يا نڪ يا ڪن ۾ آڱر وجهڻ، ٿُڪ اڇلائڻ سٺي ڳالهه ناهي، ان سان ٻين کي ڪراهت ايندي آهي۔

]6[ جيستائين ٻيو ڳالهائي رهيو هجي ته اطمينان سان ٻُڌو، ان جي ڳالهه ڪَٽي پنهنجي ڳالهه شروع ڪرڻ سنّت ناهي۔

]7[ ڳالهه ٻولهه ڪندي بلڪ ڪنهن به حالت ۾ ٽهڪ نه ڏيو ڇوته سرڪار مدينه صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪڏهن به ٽهڪ نه ڏنو۔

]8[ گھڻو ڳالهائڻ ۽ ٽهڪ ڏيڻ سان رعب ختم ٿي ويندو آهي۔

]9[ سرڪارِ مدينهصَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ عاليشان آهي؛ ”جڏهن توهان ڪنهن ٻانهي کي ڏسو ته اُن کي دنيا کان بي رغبتي ۽ گهٽ ڳالهائڻ جي نعمت عطا ڪئي ويئي آهي ته اُن جي ويجھڙائي ۽ صحبت اختيار ڪريو ڇوته اُن کي حڪمت عطا ڪئي ويندي آهي۔ (سنن ابن ماجه، ج 4 ص 422 الحديث 4101)

]10[ فرمان مصطفيٰصَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم؛ ”جيڪو چُپ رهيو، ان ڇوٽڪارو حاصل ڪيو۔“ (سنن ترمذي ج 4 ص 225 حديث 2509) مِراٰة المَناجيح ۾ آهي؛ حُجَّةُ الاِسلام حضرت سيِّدُنا امام محمّد بن محمّد غزالي عَلَیهِ رَحْمَةُ اﷲِ الوَالی فرمائن ٿا ته گفتگو جا چار قسم آهن؛