Book Name:Akhlaq-e-Mustafa Ki Jhalkiyan
(1) خالص مُضر (يعني مڪمل طور تي نقصان ڏيندڙ)
(2) خالص مفيد (يعني فائديمند)
(3) مُضر (يعني نقصان ڏيندڙ) به مفيد به
(4) نه مُضر نه مفيد۔
خالص مُضِر (يعني مڪمل نقصان ڏيندڙ) کان هميشه بچڻ ضروري آهي۔ خالص مفيد ڳالهه ضرور ڪريو، جيڪو ڪلام مُضر به هجي ۽ مفيد به اُن جي ڳالهائڻ ۾ احتياط ڪري بهتر اهو آهي ته نه ڳالهائي ۽ چوٿين قسم جي ڪلام ۾ وقت ضايع ڪرڻ آهي۔ انهن ڪلامن ۾ امتياز ڪرڻ ڏکيو آهي تنهنڪري خاموشي بهتر آهي۔ (مراٰة المناجيح ج 6 ص 464)
]11[ ڪنهن سان ڳالهه ٻولهه ڪجي ته ان جو ڪو صحيح مقصد به هئڻ گهرجي ۽ هميشه مخاطب جي ظرف ۽ ان جي نفسيات جي مطابق ڳالهه ڪئي وڃي۔
]12[ بدزباني ۽ بي حيائي جي ڳالهين کان هر وقت پرهيز ڪريو، گارگند کان بچندا رهو ۽ ياد رکو ته ڪنهن مسلمان کي بنا اجازتِ شرعي گار ڏيڻ حرامِ قطعي آهي۔ (فتاوي رضويه، ج 21 ص 127) ۽ بي حيائي جي ڳالهه ڪرڻ واري تي جنّت حرام آهي۔ تاجدار مدينه صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمائن ٿا؛ ”اُن شخص تي جنت حرام آهي جيڪو فُحش گوئي (بي حيائي جي ڳالهه) کان ڪم وٺي ٿو۔“
(ڪتاب الصمت مع موسوعه الامام ابن ابي الدنيا ج 7 ص 204، الحديث 325)
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل