Book Name:Akhlaq-e-Mustafa Ki Jhalkiyan
اوهان گواھ ٿي وڃو ته مون پنهنجو اڌ مال مڪي مدني سرڪار، مالڪ ۽ مختار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي اُمّت تي صدَقو ڪيو، پوءِ هو بارگاھ رسالت ۾ آيو ۽ ڪلمو پڙھي دامنِ اسلام ۾ اداخل ٿئي ويو۔([1])
ترے اَخْلاق پر قُرباں ترے اَوْصاف پر واری مسلماں کیا عَدُو بھی تیرا قائل یا رسولَ اللہ
(وسائلِ بخشش مرمم،ص۳۳۷)
وضاحتِ شعر:. يعني يارسُولَ الله! مان اوهان جي عُمده وصف ۽ بهترين اَخلاق تي قربان ٿيان جو پنهنجا ته پنهنجا، غَير به اوهان جي اَخلاقِ حَسَنه ۽ اَوصافِ حميده کان متاثِّر هئا۔
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
سُبْحٰنَ الله! ٻڌو اوهان ته الله پاڪ پنهنجي مدني حبيب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي ڪيتري قدر عمده اَخلاق جو پيڪر بنايو آهي، ڀلي ڪو لک ڀيرا دل ڏُکائي، بد تميزي ۽ بد اَخلاقي ڪري، حق طلب ڪرڻ ۾ بي ادبي ڪري، خاندان وارن کي بُرو ڀلو چوي، الغرض بد اَخلاقي جون تمام حدون پار ئي ڪري ڇڏي پر قُربان وڃجي حُسنِ اَخلاق جي پيڪر، محبوبِ رَبِّ دَاوَر صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي خُلقِ عظيم تي ڇوته سِر جو جواب پٿر سان ڏيڻ جي بدران هميشه حِلم ۽ بُردباري، صبر ۽ استقامت ۽ نرمي اختيار ڪندا ها. بداَخلاقي ڪرڻ واري جي ڇڙٻڻ، مارڻ، ڌمڪيون ڏيڻ، اکيون ڏيکارڻ يا ان سان ڪنهن به قسم جي بداَخلاقي ڪرڻ جو ته حضور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کان تصوُّر ئي نٿو ڪري سگھجي بلڪه پاڻ ته بداَخلاقي سان پيش اچڻ واري تي به لطف ۽ ڪرم جي بارش ڪندا ها ۽ ان