Book Name:Akhlaq-e-Mustafa Ki Jhalkiyan

کي پنهنجي حسين اَدائن جو اَسِير بڻائيندا ها۔

اَلْحَمْدُ لِلّٰه پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي اِنهيءَ اَخلاقِ ڪريمانه جي برڪتن سان فيضياب ٿي بيشُمار غير مسلمن اِسلام قبول ڪيو ۽ بيشُمار ماڻهن جي زندگين ۾ اهڙو مدني انقلاب آيو جو هر پاسي اسلام جي ڦهلجندڙ روشني گمراهي ۽ ضلالت جي اونداهين کي مٽائي ڇڏيو ۽ قتل ۽ غارت گَري ڪرڻ واري رت جي پياسين کي محبت جو جام پيئڻ نصيب ٿيو.

دَورِ جہالت تھا ہر سُو جب کُفْر کی ظلمت چھائی تھی

تم نے حیوانوں جیسے لوگوں کو بھی اِنسان کیا

(وسائلِ بخشش،ص196)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

 رحمت عالم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي انهيءَ طرزِ عمل (يعني حُسنِ اَخلاق) کي سامهون رکندي اڄ اسان پنهنجو مُحَاسَبو ڪيون ته پنهنجي ذاتي دُشمنن کي مُعاف ڪري ڇڏڻ جو هي جذبو ڇا اسان غُلامانِ رسول ۾ به موجود آهي؟ يقيناً اسان پاڻ ته وڏيون وڏيون غلطيون ڪري ٻين کان عَفو ۽ دَرگُذر ۽ مُعافي جي اُمّيد رکندا آهيون، پر ڇا اسان پنهنجي حق تلفي ٿيڻ تي ڪڏهن ڪنهن مُعافي جي طلبگار، نادِم ۽ شرمسار تي شفقت ۽ مهرباني ڪندي پنهنجي اَنا کي فنا ڪندي پنهنجي ان مسلمان ڀاءَ جو عُذر قبول ڪيو ۽ ان کي معاف ڪري اجر ۽ ثواب ڪمايو يا شيطان جي هٿن ۾ رانديڪو بڻجي مَعَاذَالله گار گند ڪري يا عار ڏياري ان مسلمان جي عزّت کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو؟

بهرحال اسان سڀني کي گھرجي ته اسان نبي ڪريم، رؤفٌ رَّحيم