Book Name:Khatm e Daur e Risalat Pe Lakhon Salam
نَصۡر يمن جو بادشاهه هو، هن هڪ ڀيري هڪ خواب ڏٺو، گھڻو ڊڄي ويو، تمام گهڻو خوفناڪ قِسم جو خواب هو، هاڻي هن تعبير ڄاڻڻ لاءِ پنهنجي ملڪ جي سڀني مُعَبِّرَن (يعني تعبير ٻڌائڻ وارن) کي گڏ ڪيو، چيائين: مون هڪ خواب ڏٺو آهي، توهان ان جي تعبير ٻڌايو! پر شرط اهو آهي ته مان خواب نه ٻڌائيندس، مون ڇا ڏٺو آهي؟ اهو به توهان پاڻ ئي ٻڌائيندا ۽ ان جي تعبير به ڪندا.
وڏو عجيب شرط هو، جڏهن سوال ئي نه پڇيو ويو ته جواب ڪهڙي شيءِ جو...؟ خواب جي خبر پوي ته تعبير ٻڌائن پر اهو بادشاھ هو، بادشاهن جو پنهنجو مزاج هوندو آهي. انهن جي سامهون ڪير ڪُڇي. خير! هڪ مُعَبِّر همت ڪئي، ڳالهائڻ جي همت ڪري چيائين: بادشاھ سلامت...!! هڪ شخص آهي جيڪو توهان جي شرط تي پورو لهي سگهي ٿو. پڇيائين: ڪير آهي؟ چيائين: شام جو رهاڪو آهي، ڪاهن آهي (يعني ان جو جنن سان رابطو آهي)، ان جو نالو سِطِّيح آهي. بادشاھ حڪم ڏنو: سِطِّيح کي فوري طور حاضر ڪيو وڃي.
شاهي اهتمام سان سِطِّيح کي گهرايو ويو، معاملو ان جي سامهون رکيو ويو. سِطِّيح جو جنن سان جيڪو رابطو هو، ان جي ذريعي هن چيو: بادشاھ سلامت! توهان ڏٺو ته هڪ اونداهو سمنڊ آهي، جتي هر طرف اونداهي ئي اونداهي ڇانيل آهي، پوءِ ان اونداهي ۾ هڪ کِنوَڻ چمڪي، اها کنوڻ جي چمڪ تِهامه (يعني مڪي پاڪ) ۾ اچي ڪِرِي ۽ ان سڀني اونداهين کي ڳِڙڪائي ڇڏيو.
ايترو ٻڌڻ سان ئي بادشاھ ٽَپُ ڏئي اٿيو، چيائين: بلڪل مون اهو ئي خواب ڏٺو آهي. هاڻي ان جي تعبير به ٻڌاءِ...!! سطيح چيو: بادشاھ سلامت...!! تمام جلد هڪ نبي تشريف آڻڻ وارا آهن، انهن جي اچڻ سان سڀ ظالم حڪومتون ختم ٿي وينديون (دنيا ۾ عدل ۽ انصاف جي روشني پکڙجي ويندي). هن وڌيڪ چيو: آخري زماني (يعني قيامت) تائين انهن نبي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو ذڪر رهندو.([1])
مچی ہے دُھوم پیمبر کی آمد آمد ہے حبیبِ خالقِ اَکبر کی آمد آمد ہے
کیا ہے سبز علم نصب بامِ کعبہ پر کہ دو جہان کے سروَر کی آمد آمد ہے
نہ کیوں ہو نور سے تبدیل کفر کی ظلمت خدا کے ماہِ منوّر کی آمد آمد ہے
[1]... حجۃ ُاللہ علی العالمین، المبحث الرابع...الخ، القسم الاوّل...الخ، ، الباب الرابع...الخ، صفحہ:128 بتصرف۔