Book Name:Miraaj kay Waqiaat
هئي. (بخارى، كتاب احاديث الانبياء، باب ذكر ادريس عليه السلام، ۲/۴۱۷ ، الحديث:۳۳۴۲ ،ملتقطاً) پوءِ چار (4) نهرون ڏٺيون هڪ پاڻيءَ جي، جنهن جو پاڻي تبديل ناهي ٿيندو، ٻي کير جي جنهن جو ذائقو ناهي بدلجندو، ٽئين شراب جي جنهن ۾ پيئڻ وارن لاءِ لذت آهي (نشو بلڪل ناهي) ۽ چوٿين پاڪيزھ ۽ صاف سُٿري ماکيءَ جي. جنّت جا پکي اُٺن وانگر هئا، ان ۾ اللہ عَزَّوَجَلَّ پنهنجي نيڪ ٻانهن جي لاءِ اهڙا اهڙا انعام تيار ڪري رکيا آهن جنهن کي ڪنهن اک ناهي ڏٺو ۽ نه ئي ڪنهن ڪَنّ ٻڌو ۽ نه ئي ڪنهن انسان جي دل ۾ ان جون خيال گذريو.(دلائل النبوة للبيهقى، جماع ابواب المبعث، باب الدليل...بالافق الاعلٰى،۲/۳۹۴)
اعليٰ حضرت،امامِ اهلسنّت مولانا شاه احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه سفرِ معراج جي دوران آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي جنّت جي سير جي دلنشين لمحن کي لفظن جو جامو پارائيندي لکن ٿا:
وہ بُرجِ بَطْحَا کا ماہ پَارہ بِہِشْتْ کی سَیر کو سِدَھارا
چمک پہ تھا خُلد کا سِتارہ کہ اِس قَمر کے قدم گئے تھے
شعر جي وضاحت: معراج جي رات وادي مڪي جا چنڊ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جڏهن جنّت جي سير لاءِ تشريف کڻي ويا ته جنّت جي مُقَدَّر جو ستارو چمڪي پيو، ڇوته جنّت ۾ ماهتابِ رسالت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا مبارَڪ قدم جو لڳي رهيا هئا۔
سُرُورِ مَقْدَمْ کی روشنی تھی کہ تَابِشوں سے مَہِ عَرَب کی
جِنَاں کے گُلشن تھے جھاڑ فَرشی جو پُھول تھے سب کنول بنے تھے
شعر جي وضاحت: جڏهن ماھ عرب، محبوبِ ربّ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي جنّت ۾ آمدِ باسعادت ٿي ته روشني ئي روشني ڦهلجي وئي، عَرب جي چنڊ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي رُخِ روشن مان ڦُٽڻ واري روشني سان جنّت جا گل به خوب، خوب ٽرڻ لڳا۔