Book Name:Miraaj kay Waqiaat
چوٿون آسمان (5) پنجون آسمان (6) ڇهون آسمان (7) ستون آسمان (8) سِدرَة المُنتَهٰي (9) مقامِ مُستَويٰ جتي پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ قلمِ قدرت جي هلڻ جو آواز ٻڌو ۽ (10) عرشِ اعظم۔ (روح المعاني،پ۱۵، الاسرا ء، تحت الاية:۱، ۱۵/ ۱۵ ملخصاً)
امير ِاَهلسُنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه پنهنجي مشهورِ زمانه نعتيه ديوان”وسائلِ بخشش“ ۾ سَفرِ معراج جي حَسين لمحات جي منظر ڪشي ڪندي لکن ٿا:
ہیں صَف آرا سب حُور ومَلَکْ اور غِلماں خُلد سجاتے ہیں اِک دُھوم ہے عَرشِ اعظم پرمہمان خدا کے آتے ہیں
ہے آج فلک روشن روشن ،ہیں تارے بھی جگمگ جگمگ محبوب خدا کے آتے ہیں محبوب خدا کے آتے ہیں
قربان میں شان و عظمت پر سوئے ہیں چین سے بسترپر جبریلِ امیں حاضر ہوکر معراج کا مژدہ سُناتے ہیں
جبریلِ امین بُراق لئے جنت سے زمیں پر آپہنچے بارات فرشتوں کی آئی معراج کو دولہا جاتے ہیں
ہے خُلد کا جوڑا زیبِ بدن رحمت کا سجا سہرا سَر پر کیا خوب سُہانا ہے منظر معراج کو دولہا جاتے ہیں
یہ عزّ و جلال اللہ! اللہ!یہ اَوج و کمال اللہ! اللہ! یہ حُسن و جمال اللہ! اللہ! معراج کو دولہا جاتے ہیں
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! سفر معراج ۾ رحمتِ عالَم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جتي اللہ پاڪ جي ٻين وڏين وڏين نشانين کي ڏٺو، اتي هن مبارَڪ سفر (Journey) جي هڪ خاص ڳالھ اها به هئي ته رسول اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ربِّ ڪريم جي هڪ عظيمُ الشّان نشاني يعني جنّت ۽ اتي موجود نعمتن کي به پنهنجي مبارڪ اکين سان مُلاحَظه فرمايو۔ اچو! ٻڌو ته پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ اتي ڇا ڇا مُلاحَظه فرمايو، جيئن ته
حضرت سَيدُنا علي المرتضيٰ،شيرِ خدا رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه کان روايت آهي ته هڪ ڀيري اميرُ المؤمنين حضرت سَيدُنا عُمَر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه بارگاھ رِسالت