Book Name:Miraaj kay Waqiaat
سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه عَزَّوَجَلَّ! ٻڌو اوهان ته! رسولِ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو سَفرِ معراج ڪيتري قدر عظمتن ۽ عنايتن کان ڀرپور هو، جنهن ۾ قدم قدم تي رحمتِ عالَم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ربِّ ڪريم جون ڪيئي عظيمُ الشّان نشانيون ڏٺيون، اهو به معلوم ٿيو ته پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ سيني کي عظيمُ الشّان پاڻي يعني زم زم شريف سان غسل ڏئي ان کي حڪمت سان ڀريو ويو۔ ٿي سگھي ٿو ته ڪنهن جي دل ۾ اهو خيال پيدا ٿئي ته پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي جسمِ اَطهر کي غُسْل ڏيڻ جي لاءِ ٻين پاڻين جي بدران زَم زَم شريف کي ئي ڇو چونڊيو ويو؟
حڪيمُ الامّت حضرت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه هن جي حڪمت کي بيان ڪندي فرمائن ٿا: حُضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ حضرت اُمِّ هاني بنتِ ابي طالب رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْها جي گھر آرام ۾ هئا، مَلائڪ اتان کان بيدار ڪري پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي حَطيمِ ڪعبه ۾ آندائون، اڃا تائين پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي اُونگھ (ننڊ جو خمار) طاري هئو پوءِ اتي غُسل ڏنو ويو، دُنياوي گھوٽ جي جسم کي غُسل ڏنو ويندو آهي، حُضورِ انور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ اهڙا نرالا گھوٽ آهن جو پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي دل کي به غُسل ڏنو ويو۔ آبِ زَم زَم ٻين پاڻين (Waters) کان افضل آهي ڇوته حضرت سَيدُنا اسماعيل عَلَيۡهِ السَّلَام جي قدم کان جاري ٿيو آهي، ان ڪري اهو پاڻي ان غُسل جي لاءِ چونڊيو ويو۔ اِيمان ۽ حڪمت سان حُضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو سِينو ڀريو ويو پوءِ ان کي سبيو ويو، حُضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي قَلب شريف ۾ اِيمان ۽ حڪمت پهريان کان ئي موجود هو، اهو به (اِيمان ۽ حڪمت جي) زيادَتي فرمائڻ جي لاءِ ٿيو۔ (مرآة المناجيح،۸/۱۵۲ملخصاً)
(نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو) سينو پاڪ اڳ ۾ئي نوراني هو هاڻ نُوْرٌ عَلٰي نُوْر ٿي ويو، سون جنّتي هو، پاڻي زَم زَم، جنّتي سون جي ٿانو ۾ حرم جو پاڻي شريف، سُبْحٰنَ الله ڇا ڳالھ ڪجي۔ (مرآة المناجيح،۸/۱۳۶ملخصاً) اعليٰ حضرت، امامِ اهلسنّت مولانا شاھ امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: