Book Name:Aala Hazrat K Aaala Akhlaq(Youm e Raza)1442

ادائيگي، زڪوٰة ڏيڻ، پنهنجي مال کي الله پاڪ جي راھ ۾ خرچ ڪرڻ، دِين جي ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺڻ، الله جي لاءِ محبت ڪرڻ ۽ الله جي لاءِ ڪنهن کان نفرت ڪرڻ، اهي سڀئي ڪم الله پاڪ سان حُسنِ اخلاق ۾ شامل آهن۔

۽ ٻيو حسنِ اخلاق ٻانهي جو رب جي ٻانهن سان هوندو آهي۔ جو انهن سان چڱي طريقي سان پيش اچي۔[1]

سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه حسنِ اخلاق جي انهن ٻنهي صورتن تي عمل پيرا نظر اچن ٿا، سندن جو پنهنجي رب سان حُسن اخلاق اهڙو هو جو سندن جي هر فعل ۾ الله پاڪ جي رضا جو لحاظ رهندو هو۔ سندن صحبت ۾ رات ڏينهن رهڻ وارا ۽ سندن خليفه ۽ شاگرد مَلِڪ العُلَمَاء حضرت علامه مولانا محمد ظفر الدين بهاري رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: مون اڪثر علماءِ ڪرام و مشائخ عظام جي جيستائين زيارت ڪئي ۽ دنيادار معززن کي ڏٺو، انهن سڀني ۾ اول نمبر جنهن کي ڏٺو اها ذاتِ گرامي صفات، اعليٰ حضرت امام اهلسنت جي آهي ۽ ان جو سبب صرف اهو هو جو سندن جا سمورا ڪم الله پاڪ جي لاءِ هئا۔ نه ڪنهن جي ساراھ کان مطلب، نه ڪنهن جي ملامت جو خوف هو.

امامِ اهلسسنّت، پروانه شمعِ رِسالت امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه ڄڻ ته هن حديثِ پاڪ: مَنْ أَحَبَّ لِلَّهِ، وَأَبْغَضَ لِلَّهِ، وَأَعْطَى لِلَّهِ، وَمَنَعَ لِلَّهِ فَقَدِ اسْتَكْمَلَ الْإِيمَانَ[2]يعني جنهن الله جي لاءِ محبت ڪئي، الله جي لاءِ مخالفت ڪئي، الله جي لاءِ ڪنهن کي ڏنو ۽ الله جي لاءِ منع ڪيو ته ان پنهنجو ايمان ڪامل ڪري ورتو. جي مصداق هئا۔ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جو معاملو اهڙو ئي هو جو ڪنهن سان محبت ڪندا هئا ته الله ئي جي لاءِ، مخالفت ڪندا هئا ته الله ئي جي لاءِ، ڪنهن کي ڪجھ ڏيندا هئا ته الله ئي جي لاءِ، ۽ ڪنهن کي منع ڪندا هئا ته الله ئي جي لاءِ۔


 

 



[1]   جامع العلوم والحکم،ص۸۹،دارالفکر،بیروت

[2]    سنن ابو داؤد،حدیث:۴۶۸۱،دارالکتب العلمیۃ ، بیروت