Book Name:Aala Hazrat K Aaala Akhlaq(Youm e Raza)1442

اعليٰ حضرت جي طبيعت جي تقاضا

سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه پنهنجي باري ۾ ارشاد فرمائن ٿا: اَلْحَمدُلله جو مون مال ”مِنْ حَيثُ ھُوَ مَال(يعني هن طور تي ته اهو مال آهي) تنهنڪري ان سان ڪڏهن محبت نه رکي، صرف راھ خدا ۾ خرچ ڪرڻ جي لاءِ ان سان محبت آهي۔ اهڙي طرح اولاد ”مِنْ حَيثُ ھُوَ اَولَاد“ (يعني هن طور تي جو اهو اولاد آهي) تنهنڪري ان سان به محبت ناهي، صرف هن سبب سان جو صله رحمي نيڪ عمل آهي ۽ اولاد ان جو سبب آهي۔ پوءِ فرمايائون: اها منهنجي اختيار جي ڳالھ ناهي، منهنجي طبيعت جي تقاضا آهي۔[1]

منهنجي اعليٰ حضرت جي ڇا ڳالهه ڪجي! مال سان محبت مال جو سبب ناهي بلڪ الله جي راھ ۾ خرچ ڪرڻ جي ڪري آهي ۽ اولاد سان محبت پنهنجو رت هئڻ جي ڪري ناهي بلڪه صله رحمي جهڙي نيڪ عمل جي ڪري آهي۔ هن ولي ڪامل تي الله پاڪ جو ڪرم ڏسو ته فرمائي رهيا آهن ته اهو سڀ منهنجي اختيار ۾ ناهي بلڪه منهنجي طبيعت جي تقاضا جي ڪري آهي۔ يعني احڪامِ شريعه تي عمل پيرا هئڻ جي ڪري هاڻي سندن طبيعت اهڙي ٿي چڪي آهي جو اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جو هر فعل الله پاڪ جي رضا جي لاءِ آهي.

اي عاشقانِ رسول! اها رب سان حُسنِ اخلاق جي واضح تصوير آهي ته جنهن شيء جو رب حڪم ڏنو ان کي نه ڇڏجي جنهن کان منع ڪيو ان جي ويجھو نه وڃجي۔ اها آهي ڪامل ايمان جي نشاني جو محبت رب جي لاءِ ۽ نفرت به انهيء ڪريم رب جي ڪري۔

جہاں میں کون ہے وہ صاحبِ علم                 جو اپنے علم سے جانِ جہاں ہے

        خدا کی حمد ہے جس کا وظیفہ              نبی کے ذکر سے رَطْبُ اللِّسَا ں ہے


 

 



[1]    ملفوظاتِ اعلیٰ حضرت، ص۴۹۷،مکتبۃ المدینہ کراچی،بتغیر قلیل