Book Name:Aala Hazrat K Aaala Akhlaq(Youm e Raza)1442
عنايت ڪندي ارشاد فرمايائون؛ مولانا! سڀ کان پهرين فتويٰ جڏهن مون لکي هئي ته منهنجي والدِ ماجد مون کي مٺائي کائڻ جي لاءِ هڪ روپيو عنايت ڪيو هو۔ اڄ اوهان جيڪا فتويٰ لکي آهي اها پهرين فتويٰ آهي ۽ مَاشَآءَالله بلڪل صحيح آهي۔ ان ڪري پنهنجي والد صاحب جي پيروي ڪندي هڪ روپيو اوهان کي مٺائي کائڻ جي لاءِ ڏيان ٿو، خوشي سبب منهنجي زبان بند ٿي وئي ۽ مان ڪجھ چئي نه سگھيس، ان ڪري جو فتويٰ پيش ڪرڻ مهل مون خيال پئي ڪيو ته الله ڄاڻي ته جواب صحيح لکيو آهي يا غلط، پر خدا جي فضل سان اهو صحيح ۽ بلڪل صحيح نڪتو ۽ پوءِ ان تي انعام ۽ اهو به هنن بهترين لفظن سان ته ”منهنجي والدِ ماجد مون کي پهرين فتويٰ تي انعام (Gift) ڏنو هو، ان ڪري مان به پهرين فتويٰ صحيح تي انعام ڏيان ٿو“۔ حق هي آهي ته هڪ خادم جي اها عزّت افزائي آهي جنهن جي ڪا حد نه آهي ۽ پوءِ ان عزّت افزائي کي هميشه برقرار رکيائون۔[1]
مزيد فرمائن ٿا ته انهيء سلسلي ۾ اها ڳالھ مون کي هميشه ياد رهندي آهي ته طالب علمي جي دور ۾ جڏهن به رمضان شريف ۾ بريلي شريف ۾ رهندا هئاسين ۽ موڪلن ۾ گھر نه ويندا هئاسين ته عيد الفطر جي ڏينهن جهڙي طرح تمام عزيزن کي عيدي ورهائيندا هئا، مون کي ۽ ٻين خاص شاگردن مثال طور مولوي عبد الرشيد صاحب، مولوي شاهه غلام محمد صاحب، مولوي محمد ابراهيم صاحب، مولوي محمد نذير الحق صاحب ۽ مولوي اسمٰعيل صاحب سڀني کي اعلي حضرت انهن جي رتبي جي مطابق عيدي عطا ڪندا هئا۔ [2]
اي عاشقانِ اعليٰ حضرت! ٿورو غور فرمايو ته اسان جي امامِ اهلسنت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جو پنهنجي شاگردن سان حُسنِ سلوڪ ڪهڙو هو، ڪيئن دل جُوئي ڪري پنهنجي شاگرد جو حوصلو وڌايو، شايد اهو ئي سبب آهي جو اها شخصيت جڏهن پنهنجي فن ۾ ڪمال تائين پهتي ته ملڪ العلماء يعني عالمن جي بادشاھ