Book Name:Aala Hazrat K Aaala Akhlaq(Youm e Raza)1442

کي فرمايو: هلو، انهن عرض ڪيو ڪيڏانهن؟ فرمايائون اُن صاحبزادي وٽ دعوت جو واعدو (Promise) جيڪو ڪيو هو، اوهان گھر جو پتو معلوم ڪيو يا نه؟ عرض ڪيائين: جي حضور، جنهن وقت گھر وٽ پهتا ته اهو صاحبزادو دروازي تي انتظار ۾ بيٺل هو، اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه کي ڏسندي ئي هي چوندي وٺي ڀڳو! مولوي صاحب اچي ويو، دروازي جي ويجھو ئي هڪ ڇپر هو، اتي بيهي انتظار ڪيائون، ڪجھ دير کان پوءِ هڪ پراڻي فراسي (سندن ويهڻ جي لاءِ) آئي ۽ ٿانوءَ ۾ ٿلهيون ٻاجھر جون مانيون ۽ مٽي جي پليٽ ۾ اها ئي ماش جي دال جنهن ۾ مرچ جا ٽڪرا پيل هئا کڻي سامهون رکي چوڻ لڳو: کائو!

سَيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمايائون: تمام سٺو، کاوان ٿو! هٿ ڌوئڻ جي لاءِ پاڻي کڻي اچ۔ هوڏانهن هو صاحبزادو پاڻي آڻڻ جي لاءِ ويو ۽ هيڏانهن حاجي صاحب چيو ته حضور هي گھر نقّارو يعني ڍول وڄائڻ واري جو آهي۔ حضور هي ٻڌي (تقويٰ جي ڪري) غمگين ٿيا، ايتري ۾ هو صاحبزادو پاڻي کڻي حاضر ٿيو، اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه معلوم ڪيو ته اوهان جا والد ڪٿي آهن ۽ ڇا ڪندا آهن؟ دروازي جي پردي مان اُن صاحبزادي جي والده عرض ڪيو: حضور! منهنجي مڙس جو انتقال ٿي ويو آهي، هو ڪنهن زماني ۾ نوبت (نغارو) وڄائيندا هئا، ان کان پوءِ توبه ڪئي هئي، هاڻي صرف هي ڇوڪرو آهي، جيڪو مزدورن سان گڏ مزدوري ڪندو آهي۔ حضور (خوشي سان) اَلْحَمْدُلِلّٰه چيو ۽ دعاءِ خير و برڪت فرمائي، حاجي ڪفايت الله صاحب سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جا هٿ ڌوئرايا ۽ پاڻ هٿ ڌوئي ماني ۾ گڏ شريڪ ٿي ويا، پر حاجي ڪفايت الله صاحب جي دل ئي دل ۾ اهو خيال آيو پئي ته حضور جو کائڻ ۾ گھڻو احتياط آهي ۽ کاڌي ۾ سوجيءَ جو بسڪٽ کائيندا آهن ۽ هتي هي ماني ۽ اها به ٻاجھر جي ۽ ان تي ماش جي دال ڪيئن کائيندا، پر قربان ان اخلاق ۽ دِلداري تي جو ميزبان جي خُوشي جي لاءِ خوب پيٽ ڀري کاڌائون، حاجي ڪفايت الله صاحب فرمائن ٿا، مان جيستائين کائيندو رهيس، حضرت به برابر کائيندا رهيا۔ اتان واپسي تي