Book Name:Asmay Madina Munawara
انہیں کی بُو مایۂ سَمَن ہے، انہیں کا جلوہ چمن چمن ہے
اُنہیں سے گلشن مہک رہے ہیں، انہیں کی رنگت گلاب میں ہے
(حدائق بخشش، ص۱۸۰)
يعني سرڪارِ عالي وقار، مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ خوشبو چنبيلي جو سرمايو آهي، سندن نور ئي جي تجلي چمن چمن ۾ آهي، پاڻ ڪريمن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ئي جي صدقي ۾ گلشن مهڪي رهيا آهن، پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ رنگت ئي کان خيرات گھري گُلاب جو گُل خوبصُورت ٿي ويو آهي۔
ذَرَّے ذَرَّے پہ چھایا ہُوا نُور ہے میرے میٹھے مدینے کی کیا بات ہے
نُور سے سب فَضا اس کی مَعْمُور ہے میرے میٹھے مدینے کی کیا بات ہے
نُور پھولوں میں ہے، نور کلیوں میں ہے نور بازار میں، نور گلیوں میں ہے
دَشْت و کہسار پر نُور ہی نُور ہے میرے میٹھے مدینے کی کیا بات ہے
کیا بیاں دَشْتِ طیبہ کی ہوں خوبیاں پھول تو پھول کانٹے بھی دلکش یہاں
پتے پتے پہ چھایا ہوا نور ہے میرے میٹھے مدینے کی کیا بات ہے
(وسائل بخشش، صفحہ:466)
صَلُّوا عَلَي الحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
اَحاديث ۾ بيان ڪيل مديني پاڪ جا مبارڪ نالا
(7-9): طَابَه، طَيۡبَه، طَيِّبَه
پيارا اسلامي ڀائرو! مديني شريف جي مبارڪ نالن مان اهي نالا جيڪي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي گھڻو پسند آهن، اهي آهن: طَابَه، طَيۡبَه، طَيِّبَه۔
مُسلِم شريف جي حديثِ پاڪ ۾ آهي، سرڪارِ عالي وقار مديني جي تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: اِنَّ اللہَ سَمَّی الْمَدِیْنَۃَ طَابَةَ بيشڪ الله پاڪ مديني