Book Name:Asmay Madina Munawara
بَس سردارِ انبياء، محبوبِ خُدا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو اهو اعلان فرمائڻ هو جو عالَمِ ڪفر لرزي ويو، ڪافر ڪاوڙ ۾ اچي ويا، مسلمانن تي ظُلم ۽ ستم جو زور وڌي ويو، ظالِم ڪافِرن غلامانِ مصطفيٰ تي اهڙا اهڙا ظلم شروع ڪيا جو جيڪڏهن انهن جي جڳھ تي جبل به هجن ها ته ذرو ذرو ٿي وڃن ها پر انهن غلامانِ مصطفيٰ جي استقامت تي هزار جانيون قربان جو انهن هر طرح جا ظلم برداشت ڪيا پر انهن مان ڪو به اسلام کان پوئتي نه هٽيو۔
مسلسل پھولنے، پھلنے لگا اسلام کا پودا مخالف تھے قریش اب بڑھ چلا کچھ اور بھی سودا
نبی کو اور مسلمانوں کو تکلیفیں لگیں ملنے وہ تکلیفیں کہ جن سے عرشِ اعظم لگا ہلنے
لٹاتے تھے کسی کو تپتی تپتی ریت کے اُوپر تو رکھتے تھے کسی کے سینۂ بےکینہ پر پتھر
بِلال و یاسِر و عَمَّار وخُبَاب اور سُمَیَّہ صُہَیْب اور بُوْفُکَیْہَہ اور لُبَیْنَہ اور نَہْدِیَّہ
زُنَیْرَہ اور عَامِر تھے غلام اور لونڈیان اُن کی مسلماں ہو گئے بس آگئی آفت میں جاں اُن کی
محمد کی محبت میں ہزاروں ظلم سہتے تھے خُدا پر تھی نظر ان کی زباں سے کچھ نہ کہتے تھے
(شاہنامۂ اسلام، صفحہ:114-115ملتقطًا)
پيارا اسلامي ڀائرو! تقريباً ڏهن سالن تائين مسلمان ائين مڪي جي ڪافرن جا ظلم ۽ ستم سهندا رهيا، آخر الله پاڪ پنهنجي پياري نبي، سچي نبي، اعليٰ نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي هجرت جو حڪم ڏنو۔ صحابه ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضوَان هجرت ڪري مديني شريف ڏانهن روانا ٿيڻ لڳا، پوءِ هڪ رات پاڻ سرڪارِ عالي وقار، مديني جي تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ به پنهنجي يارِ غار يعني حضرت ابو بڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنۡه کي ساڻ ڪري هجرت جي لاءِ مديني پاڪ ڏانهن روانا ٿيا، روايت ۾ اچي ٿو ته هجرت جي رات سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مڪه مڪرمه ۾ مقامِ حَزوَرَه وٽ پهتا ته ڪعبي شريف ڏانهن چهرو مبارڪ ڪري مڪي پاڪ کي مخاطَب ٿي فرمايائون: اي مڪه! الله پاڪ جو قسم! بيشڪ تون منهنجي نزديڪ الله پاڪ جي سموري زمين ۾