Book Name:Azadi Kisay Kehtay Hain
پاڪستان جا اُصُول ۽ مقاصِد بيان ڪيا، ان وقت قائِدِ اعظم رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه علّامه عبد العليم ميرٺي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي سَفِير اِسلام جو خطاب ڏنو۔([1]) منقول آهي ته پاڪستان بڻجڻ کان پهريان جيڪو حَج ٿيو، ان حج جي موقعي تي هند کان ويندڙ مسلمانن مديني پاڪ حاضِر ٿي، امير اهلسنت دَامَت بَرَکاتُهمُ العَالِيه جي پِير صاحِب، قُطبِ مدينه مولانا ضياءُ الدِّين مدني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي خِدمت ۾ دُعا جي لاءِ عرض ڪيو، پاڻ دُعا جي درخواست ڪرڻ وارن کي ساڻ ڪري روضي پاڪ تي بارگاھ رسالت ۾ حاضِر ٿيا، خُوب دِل جمعي سان دُعا ڪئي ۽ فرمايائون: پريشان نه ٿيو، اِن شَآءَ الله الڪريم پاڪستان ضرور ٺهندو۔ ڪا دشمن طاقت پاڪستان ٺهڻ کان روڪي نٿي سگهي. )تحریکِ پاکستان میں عُلَما کا کردار، صفحہ:237(
نيٺ بزرگن جون دعائون قبول ٿيون، عُلَما و مَشَائِخِ اهلسنت، عوام ۽ مسلم ليڊرن خاص ڪري قائِدِ اعظم محمد علي جناح جي ڪوششن رنگ لاتو ۽ 14 آگسٽ، 1947 تي رمضان المبارڪ جي ستاويهين رات هئي، مسلمان شبِ قَدَر ملهائي رهيا هئا، مسجدن ۾ عبادت ٿي رهي هئي ته رات 12 بجي اعلان ٿي ويو: الحمد لله! مسلمانن جو عليحده اسلامي ملڪ اسلامي جمهوريه پاڪستان مَعرِضِ وُجُود ۾ اچي چڪو آهي۔ پاڪستان بڻجڻ کان 3 ڏينهن بعد عيد جي نماز ادا ڪئي وئي، قائِدِ اعظم محمد علي جناح ڪراچي ۾ سرڪاري سطح تي عيد جي نماز ادا ڪئي ۽ ان نماز جي امامت ڪري رهيا هئا: خليفه اعليٰ حضرت علَّامه عبد العليم ميرٺي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه۔([2])
کبریا کا لطف تھا اور رحمتِ شاہِ زمَن ہم کو سینتالیس میں حاصِل ہوا اپنا وَطن
ہم پہ جِدّ و جُہْدِ آزادی میں تھے سایہ فگن اَولیائے اُمَّتِ اَحْمَد، صحابہ، پنج تَن