Book Name:Azadi Kisay Kehtay Hain
اهلسنت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ٻه قومي نظريو پيش ڪيو، 1897 ۾ يعني ڊاڪٽر اقبال جي ٻه قومي نظريو پيش ڪرڻ کان 29 سال پهريان پٽنه ۾ هڪ ڪانفرس ٿي جنهن ۾ اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه باقاعده ٻه قومي نظريو بيان فرمايو، فتاويٰ رضويه، جلد: 14 ۾ سيدي اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو هڪ رسالو آهي: اَلمَحجَةُ المُؤتَمِنَه، اهو رسالو اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه 1920 ۾ لکيو، ان ۾ سوره مُمتَحِنَه جي ڪجھ آيتن جو تفسير آهي ۽ ان جي روشني ۾ ٻه قومي نظريي جي ڀرپُور وضاحت ڪئي وئي آهي۔([1])
اَصل ۾ 1857 ۾ جڏهن تحريڪ آزادي شروع ٿي، ان وقت کان وٺي ڊاڪٽر اقبال جو ٻه قومي نظريو بيان ڪرڻ تائين مسلمان سڄي بَرِّ صغير جي آزادي جو مطالبو ڪري رهيا هئا، ڊاڪٽر اقبال ٻه قومي نظريي ۾ اَصل اها وضاحت ڪئي ته هاڻي مسلمان سڄي بَرِّ صغير جي آزادي جي بدران پنهنجي لاءِ عليحده وَطَن جو مطالبو ڪن، يعني ڊاڪٽر اقبال مُطَالبو تبديل ڪيو، پهريان ٻه قومي نظريو جي بنياد تي سڄي بَرِّ صغير جي آزادي جو مطالبو هو، هاڻي انهيء ٻه قومي نظريي جي بنياد تي عليحده وَطَن جو مُطَالبو شروع ٿيو يا ايئن چئجي ته پهريان هئي: آزادي جي تحريڪ۔ هاڻي صِرف تحريڪ آزادي نه بلڪه تحريڪ پاڪستان به بڻجي وئي۔
بَس هاڻي ڇا ٿيو؛ مسلمانن جي دِل ۾ پنهنجي جدا وَطن جي خواهش اُڀري ۽ ڏسندي ئي ڏسندي سڄي بَرِّصغير ۾ ڦهلجي وئي، ڇا ٻار، ڇا جوان، ڇا پوڙها هر هڪ جي زبان تي بَس هڪ ئي نعرو هو: وٺي رهنداسين پاڪستان، بڻجي رهندو پاڪستان۔
پاڪستان جو مطلب ڇا: لَا اِلٰه اِلَّا الله۔ ڪير اسان جو رهنما: مُحَمَّدٌ رَّسُولُ الله۔