Book Name:Azadi Kisay Kehtay Hain
جي حاڪم کان سياسي ۽ حڪومتي طَور تي آزادي مِلي وڃي، ان جي پنهنجي حڪومت ٿي وڃي ته ان کي Political Freedom (سياسي آزادي) چيو ويندو آهي۔
* Personal Freedom (شخصي آزادي): جيئن اڳوڻي دَور ۾ غُلام باقاعده خريد ڪيا ويندا هئا، ان غلامي کان آزادي کي Personal Freedom (شخصي آزادي) چيو ويندو آهي۔
اسان کي جيڪا آزادي جي نعمت حاصِل ٿي اها Poletical Freedom سياسي يا حڪومتي آزادي آهي، جيئن بني اسرائيل اِيمان وارا هئا، فِرعون جي زيرِ حڪومت رهي رهيا هئا، اهڙي طرح مغليه سلطنت جي زوال کان بعد بَرِّ صغير تي ڪافِرن جي حڪومت آئي ۽ مسلمان ان ڪافِرن جي حڪومت جي تحت اچي ويا، هاڻي مسلمانن کي ڪافِرن جي ٺاهيل قانونن مطابق زِندگي گذارڻي پوندي هئي، ظاهر آهي ڪافِر جيڪو قانون بڻائيندو اهي قرآن ۽ سُنّت جي مطابق ته نه هوندا، ان ڪري مسلمانن کي قرآنِ ڪريم تي، سُنتن تي، پنهنجي دِين جي تعليمات تي آزادي سان عمل ڪرڻ ۾ دُشواريون هيون، ڪافِر حڪومت جڏهن چاهيندي هئي، جنهن دِيني مسئلي ۾ چاهيندي هئي رُڪاوٽ وجھندي هئي، اَصل جيڪا آزادي اسان کي حاصِل ٿي اها هيءَ آهي ته اسان کي ظاهر ظهور پنهنجي دِين تي عمل ڪرڻ ۾ ڪا رُڪاوٽ نه ٿئي، قانون به مسلمانن جو هجي، قانون ساز به مسلمان هجن ۽ قانون تي عمل ڪرڻ وارا به مسلمان هجن۔ ٻه قومي نظريو جيڪو پاڪستان جي اَصل بنياد آهي، ان جو مطلب به اهو ئي آهي ته مسلمان هڪ جدا قوم آهن، ڪافِر هڪ الڳ قوم آهن، تنهنڪري مسلمانن جو وَطَن به عليحده هجي جتي هي آزادي سان پنهنجي مذهب مطابق، پنهنجي تهذيب مطابق، پنهنجي ثقافت مطابق يعني قرآن ۽ سُنّت جي تعليم مطابق زِندگي گذاري سگھن۔