Book Name:Azadi Kisay Kehtay Hain

هڪ ڀيري قائِدِ اعظم محمد علي جناح لاهور ۾ تقرير ڪندي چيو:

Our God is Separate. Our Rasool is Separate

اسان جو خُدا الڳ، اسان جو رسول الڳ (يعني اسان هڪ خُدا کي مڃڻ وارا غُلامانِ مصطفيٰ آهيون)

Our Religion is Separate. Our Culture is Separate

اسان جو دِين جُدا، اسان جي ثقافت، زِندگي گذارڻ جو طريقو جدا آهي۔

Therefore we want a separate state. in which we can ([1])live Islamic life.

ان ڪري اسان پنهنجو عليحده ملڪ چاهيون ٿا، جتي اسان پنهنجي دِين مطابق اسلامي زندگي گذاري سگھون.

هي آهي آزادي، هڪ ڀرپُور اسلامي زِندگي گذارڻ جي آزادي۔ هن آزادي جي لاءِ تقريباً 100 سال مسلمانن جِدّوجهد ڪئي، ان آزادي جي لاءِ ئي 1857 ۾ 22 هزار عالم سڳورا شهيد ٿيا۔

ٻين لفظن ۾ هيئن چئجي ته جيڪا آزادي اسان کي الله پاڪ عطا فرمائي، جنهن آزادي جي لاءِ پاڪستان ٺهيو هو، اهو اَصل ۾ غُلاميءِ مصطفيٰ جو نالو آهي۔ جڏهن بَرِّ صغير ۾ مسلمانن تي ڪافِر حڪومت ڪري رهيا هئا، ان وقت اسان آزادي سان غُلاميءِ مصطفيٰ جو اِظهار نه ڪري سگھندا هئاسين، الله پاڪ اسان کي جدا آزاد ملڪ عطا فرمايو ته جيئن اسان پُوري آزادي سان غلاميءِ مصطفيٰ جو اِظهار ڪري سگھون، اسان کي نمازون پڙھڻ ۾ رُڪاوٽ نه ٿئي، روزا رکڻ ۾ رڪاوٽ نه ٿئي، حج تي وڃڻ ۾ رڪاوٽ نه ٿئي، قرباني ڪرڻ ۾ رڪاوٽ نه ٿئي، اِسلام جي ديگر تعليمات تي عمل ڪرڻ ۾ اسان تي ڪا رُڪاوٽ نه ٿئي، اسان آزادي سان قرآنِ ڪريم جي


 

 



[1]...تحریکِ پاکستان میں علماءِ کرام کا کردار، صفحہ:192 ۔