Book Name:Azadi Kisay Kehtay Hain

هلندو آهي، شور و غُل ٿيندو آهي، شراب پيتو ويندو آهي، ڇڙواڳ ڇوڪرا وَن ويلنگ (One Wheeling) ڪندا آهن، روڊن رستن تي هل هنگامو مچايو ويندو آهي۔ ڇا 14 آگسٽ ان بيهودگين جو ڏينهن آهي؟ اوهان کي معلوم آهي 14 آگسٽ ڪهڙو ڏينهن آهي؟ هي اهو ڏينهن آهي جنهن ڏينهن مسلمانن آزادي حاصِل ڪرڻ جي لاءِ جانين جو نذرانو ڏنو هو، هڪ اندازي جي مطابق جڏهن پاڪستان بڻيو، ” ان وقت 30 لک مسلمان شهيد ٿيا هئا۔“([1])

14 آگسٽ انهن شهيدن جي ورسي جو ڏينهن آهي، ورسِي جي ڏينهن ميوزڪ ناهي وڄائبو، قرآنِ ڪريم پڙھي، روزا رکي، فاتحه خواني ڪري پنهنجي شهيدن کي، فوت شدگان کي ايصالِ ثواب ڪيو ويندو آهي۔ 14 آگسٽ تي عبادت ڪريو، شڪراڻي جا نفل پڙھو ۽ پاڪستان جي لاءِ شهيد ٿيڻ وارن کي ايصالِ ثواب ڪريو۔

جشنِ آزادي ڪيئن ملهائڻ گھرجي، اچو هن باري ۾ هڪ حديثِ پاڪ ٻڌون ٿا، اسان ٻُڌوسين ته بني اسرائيل کي فِرعَون کان آزادي ملي، جڏهن اها آزادي ملي ته الله پاڪ جي نبي حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام اهو ڏينهن ڪيئن ملهايو هو، حديثِ پاڪ ۾ آهي: مديني پاڪ جا يهودي 10 محرم جو روزو رکندا هئا، پڇڻ تي انهن ٻڌايو، هن ڏينهن بني اسرائيل کي فِرعَون کان نجات ملي هئي ته حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام ان شڪراڻي ۾ روزو رکيو هو، ان ڪري اسان 10 محرم تي روزو رکون ٿا۔([2])

سُبحٰنَ الله! اها آهي جشنِ آزادي ملهائڻ جو اَصل طريقيڪار۔ الله پاڪ اسان سڀني کي هدايت نصيب فرمائي، شيطان جي غُلامي کان، نَفس جي غُلامي کان نجات عطا فرمائي۔ آمين بجاه النبي الامين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ


 

 



[1]...تخلیقِ پاکستان میں علماءِ اہلسُنّت کا کردار، صفحہ:14۔

[2]...بخاری، کتاب:الصوم، باب:صیام یوم عاشوراء، صفحہ:524، حدیث:2004۔