Book Name:Azadi Kisay Kehtay Hain
آهي، اهو ڏسي گھڻو تعجب ٿيو، اهو شخص حضرت حبيب راعِي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه سان ملاقات جي لاءِ بيهي رهيو، جڏهن پاڻ نماز مڪمل فرمائي ته سلام عرض ڪيائين، پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه سلام جو جواب ڏنو، ان شخص عرض ڪيو: سائين! اوهان جي ٻڪرين سان بگھڙ کي اهڙو لڳاءُ آهي جو اهو انهن جي حفاظت ڪري رهيو هو؟ فرمايائون: ان جو سبب اهو آهي ته ٻڪرين جو مالِڪ الله پاڪ سان محبت ڪري ٿو (يعني مان الله پاڪ سان محبت ڪيان ٿو، ان ڪري مون سان، منهنجي شين سان جانور به محبت ڪن ٿا)۔ پوءِ حضرت حبيب راعِي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڪاٺي جو هڪ پيالو پٿر هيٺ رکيو، يڪدم ان پٿر مان کير ۽ ماکي جا ٻه چشما جاري ٿيا، پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کير ۽ ماکي سان ڀريل پيالو ان شخص کي ڏنو، اهو ڏسي اهو شخص حيران ٿي ويو ۽ چيائين: عالي جاه! اوهان اهو رُتبو ڪيئن حاصِل ڪيو آهي۔ فرمايائون: سيدِ عالَم، نُورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اِطَاعت ۽ فرمانبرداري جي ذريعي۔([1])
کی مُحَمَّد سے وفا تُو نے تَو ہم تیرے ہیں یہ جہاں چیز ہے کیا؟ لوح و قلم تیرے ہیں
سُبحٰنَ الله! اها آهي آزادي۔ ڇا دُنيا ۾ ڪٿي اهڙي آزادي آهي جو بگھڙ ٻڪرين جي رکوالي ڪندا هجن؟ ها! اها ڳالھ دُرست آهي ته اها حضرت حبيبِ راعِي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي ڪرامت هئي ۽ ڪرامت الله پاڪ جي عطا آهي، ڪو به پنهنجي محنت سان وَلِي نٿو بڻجي سگھي پر هتي سمجھڻ جو نڪتو اهو آهي ته حضرت حبيب راعِي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو اهو فرمان آهي: مون اهو رُتبو اِطَاعتِ مصطفيٰ جي ذريعي حاصِل ڪيو آهي۔ معلوم ٿيو؛ اَصل ۾ آزادي غُلاميءِ رسول ئي سان ملي ٿي۔ ڪلياتِ اقبال ۾ آهي:
صنوبر باغ میں آزاد بھی ہے، پا بہ گِل بھی ہے انہی پابندیوں میں حاصِل آزادی کو تُو کر لے(1)