Book Name:Azadi Kisay Kehtay Hain

منصب ملندو آهي، جيئن ئي عهدو ملندو آهي، جيئن ئي چار پيسا گڏ ٿيندا آهن ته انهن جي اندر جو غرور، انهن جي اندر جو تڪبر سامهون ايندو آهي، اهي به الله پاڪ سان محبت ڪرڻ وارا نه آهن بلڪه اَصل ۾ پنهنجي اندر جي اُن خواهش جا، پنهنجي اندر جي غُرور ۽ تڪبر جا غُلام آهن، الله پاڪ جو سچو ٻانهو اهو آهي جيڪو هرحال ۾ هڪ جهڙو رهندو آهي، جيڪو غريب هجي تڏهن به شڪر گذار هوندو آهي ۽ جيڪڏهن ان کي منصب ملي وڃي، تڏهن به الله پاڪ جو شڪر گذار رهندو آهي۔

بني اسرائيل کي به آزمايو ويو، فِرعَون کي به آزمايو ويو، حضرت يوسُف عَلَيۡهِ السَّلَام جيڪي مِصر جا حڪمران هئا، جيڪي مُلڪ مصر جا باقاعِده مالِڪ هئا، ڏڪار وارن ڏينهن ۾ حضرت يوسُف عَلَيۡهِ السَّلَام باقاعده مِصر کي خريد ڪيو هو، تمام مِصر وارن کي خريد ڪري پنهنجو غُلام بڻايو هو، وري پوءِ آزاد ڪيو هو، اُن ئي حضرت يوسُف عَلَيۡهِ السَّلَام جي اَولاد کي، سندس ڀائرن جي اَولاد کي هاڻي مِصر ئي ۾ غُلام بڻايو ويو، فِرعَون کي مِصر جي بادشاهي عطا ڪئي وئي، اهو هڪ امتحان هو، ان امتحان ۾ بني اسرائيل صبر ڪيو پر فِرعَون سرڪشي ڪئي، ان بدبخت خُدائي جي دَعويٰ ڪئي، ٻانهو هو، ٻانهو نه بڻيو، خُدا بڻجڻ جي ڪوشش ڪيائين، ان جو غرور ظاهر ٿي دُنيا جي سامهون اچي ويو، ان جي اندر جو تڪبر گھڻو وڌي ويو۔ تڏهن الله پاڪ حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام کي نبي بڻائي موڪليو۔

حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام فِرعَون کي جيڪا حق جي دعوت ڏني، بنيادي طور تي ان دعوت جا ٻه موضوع هئا: * فِرعَون جيڪا خُدائي جي دعويٰ ڪري ٿو، هو پنهنجي هن دعويٰ کان توبه ڪري، ٻانهو آهي، ٻانهو ٿي رهي، الله پاڪ وَحدَه لَاشَرِيڪ جي بارگاھ ۾ ڪنڌ جھڪائي ۽ الله پاڪ جي فرمانبرداري ۾