Book Name:Azadi Kisay Kehtay Hain
اچي وڃي * فِرعَون بني اسرائيل کي ناحق پنهنجو غُلام بڻايو آهي، انهن کي غُلامي کان آزاد ڪري۔
قرآنِ ڪريم ۾ آهي، جڏهن حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام فِرعَون کي فرمايو:
قَدْ جِئْتُكُمْ بِبَیِّنَةٍ مِّنْ رَّبِّكُمْ فَاَرْسِلْ مَعِیَ بَنِیْۤ اِسْرَآءِیْلَؕ(۱۰۵) (پاره9،سورۂ اَعراف:105)
ترجمو ڪنزالايمان: بيشڪ مان توهان سمورن وٽ توهان جي رب جي طرفان نشاني وٺي آيو آهيان پوءِ بني اسرائيل کي مون سان گڏ ڇڏي ڏي.
حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام پنهنجي هن دعوي تي دليل ڏنا، معجزا ڏيکاريا، فِرعَون کي، فِرعَون جي قوم کي سمجھايائون پر فِرعَون ضِدّي هو، ضِدِّي ئي رهيو، سرڪش هيو، سرڪش ئي رهيو، ان جي مٿي تي طاقت جو، سلطنت جو، تاج ۽ تخت جو نشو سُوار هو، ان بدبخت حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام جي نافرماني ڪئي، حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام جي شان ۾ گستاخيون ڪيون، حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام کي، بني اسرائيل کي تڪليفون پهچائڻ جي ناپاڪ ڪوشش ڪئي، مَعَاذَ الله! حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام کي شهيد ڪرڻ جا منصوبا جوڙيا۔ جڏهن فِرعَون تمام حدون پار ڪيون، پنهنجي ڪفر ۾ بلڪل ضدي ٿي ويو ۽ بني اسرائيل کي آزاد ڪرڻ لاءِ ڪنهن طرح تيار نه ٿيو ته الله پاڪ فِرعَون کي ان جي لشڪر سميت دريا ۾ غرق ڪري ڇڏيو ۽ هو هميشه هميشه جي لاءِ جهنّم جو ٻارڻ بڻجي ويو۔([1]) ائين حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام جي صدقي ۾ بني اسرائيل کي آزادي جي نعمت نصيب ٿي۔