Book Name:Azadi Kisay Kehtay Hain
الله پاڪ جي نبي، حضرتِ موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام کان شِرڪ جي اجازت گھري رهيا آهن۔
* الله پاڪ حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام کي تورات شريف عطا فرمائڻ جي لاءِ طُور جبل تي گھرايو، حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام 40 ڏينهن طُور جبل تي تشريف فرما رهيا، پوئتي بني اسرائيل ڀٽڪي ويا، سامري نالي هڪ جادُوگر انهن جي لاءِ ڌاتو جو هڪ گابو بڻايو، بني اسرائيل ان گابي کي ئي خُدا مڃي ورتو۔([1])
* بني اسرائيل کي تَورات شريف عطا ڪئي وئي، تَورات شريف 4 وڏين آسماني ڪتابن مان سڀ کان پهريون آسماني ڪتاب آهي، بني اسرائيل ان تي عمل ڪرڻ کان صاف صاف انڪار ڪري ڇڏيو، الله پاڪ طُور جبل کي پاڙان کڻي انهن جي مٿن تي لٽڪائي ڇڏيو ۽ فرمايو:
خُذُوْا مَاۤ اٰتَیْنٰكُمْ بِقُوَّةٍ وَّ اذْكُرُوْا مَا فِیْهِ (پاره1،سورۃالبقرۃ:63)
ترجموڪنزلايمان،: ۽ جيڪي ڪجھ اسان اوهان کي ڏيون ٿا، ان کي مضبوطيء سان وٺو ۽ ان جا مضمون ياد ڪريو.
ان وقت هن ڊپ کان ته ڪٿي طُور جبل اسان جي مٿان نه ڪيرايو وڃي، انهن تَورات شريف تي عمل ڪرڻ جو وعدو ڪري ورتو پر پوءِ پنهنجي وعدي کان ڦري ويا۔([2])
مطلب؛ آزادي جيڪا هڪ تمام وڏي نعمت هئي، بني اسرائيل کي کپي ها ته ان جو شڪر ادا ڪن ها پر انهن نافرماني ڪئي، حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام جي نافرماني ڪئي، الله پاڪ جي ڪتاب تورات شريف تي عمل ڪرڻ کان انڪار ڪيو، آخر انهن تي الله پاڪ جو غضب ٿيو ۽ انهن تي ذِلَّت مُسَلَّط